English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اڄ مادر سنڌ جيجي زرينا بلوچ جي 19هين ورسي ملھائي ويندي
33 views
|
24th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي وفد جيجي زرينا جي مزار تي حاضري ڀريندو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان اشرف پليجي پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي تہ قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ مادر سنڌ جيجي زرينہ بلوچ جي اوڻيھين ورسي سڄي سنڌ ۾ ملھائي ويندي. قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو مرڪزي وفد صبح 10 وڳي سنڌ مزار تي گلن جي چادر چاڙھي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي.اشرف پليجي چيو تہ جيجي زرينہ بلوچ گيتن ذريعي مزاحمت ڪئي. ھن ون يونٽ ۽ آمريت خلاف جدوجھد ڪئي، جنرل پرويز مشرف جي آمريت ۾ ڪالاباغ ڊيم، پاڻي، سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ حقن لاءِ عورتن ۽ لکين عوام سان گڏجي لانگ مارچون ڪيون. سنڌ کي ھن وقت جيجي زرينہ بلوچ جھڙين مائرن جي ضرورت آھي، جيڪا آمريت، ظلم، خراب حڪمراني خلاف ھر وقت جدوجھد جي ميدان تي رھي. جيجي زرينہ بلوچ اياز لطيف پليجو جي صورت ۾ سنڌ کي اھڙو پٽ ڏنو آھي، جيڪو سنڌ جو آواز بنجي ويو آھي. اشرف پليجي وڌيڪ چيو تہ پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 176 ڪلوميٽر ڊگهو ڪئنال ٺاھڻ جي سنڌ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. چولستان جي لکين ايڪڙن جي فارمنگ معنيٰ سنڌ رڻ ٿي ويندي، پنجاب ڪالاباغ جو خوفناڪ پلاند ڪري رھيو آھي. چولستان ڪئنال نڪرڻ کانپوء لاڙ مڪمل تباھ ٿي ويندو. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاء پريشان ٿي ويندا اشرف پليجي چيو تہ پاڻي جي جدوجھد جياپي جي جدوجھد آھي. ھي ڪروڙين ماڻھن جي زندگين جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ ڪروڙين ماڻھن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آھن. سنڌ جي وسيلن جي قيمت ادا ڪئي پئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مادر سنڌ
جيجي زرينا بلوچ
قومي عوامي تحريڪ
سنڌياڻي تحريڪ
حيدرآباد
زرينہ بلوچ گيتن
0 تبصرے