English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ويجهو ٻن ڏينهن واري مفت ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي
views
|
25th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
ڪيمپ سماجي شخصيت خالد حسين ٻگھيو پاران سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان لڳائي وئي
مورو (رپورٽر) مورو ويجھو چوٿين ميل وٽ معزز سماجي شخصيت خالد حسين ٻگھيو پاران سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي تعاون سان ٻه روزه مفت ميڊيڪل ۽ اکين جي ڪئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ اکين جي ماھر ڊاڪٽر وسيم رحمان ۽ مختلف بيمارين جي ماھرن ڊاڪٽرن ڊاڪٽر فرقان، ڊاڪٽر غلام مصطفي' ميمڻ ۽ ٻين پاران پسگردائيءَ جي ڳوٺن وسندي واھڻ جي رھواسين مردن عورتن معصوم ٻارڙن تقريبن 2000 ھزار کان مٿي مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ۽ مفت ۾ دوائون ڏنيون ويون. ان موقعي تي معزز سماجي شخصيت خالد حسين ٻگھيو چيو تہ اسان بنا ڪنھن ذات پات رنگ ۽ نسل صرف الله پاڪ جي خاطر مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي بي پهچ ماڻھن کي صحت جون سهولتون ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن ڪئمپ ۾ ھن علائقي جي ھزارين ماڻھن فائدو حاصل ڪيو آھي جن کي ھر سھولت سان گڏ علاج ۽ دوائون ڏنيون ويون آھن ۽ اھا ڪوشش جاري رھندي ھن چيو تہ ھن علائقي جي عوام لاءِ مون سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ وارن کي زمين پڻ ڏني آھي جيڪي ھتي نياڻين ۽ نوجوانن لاءِ الڳ الڳ ديني تعليم ڏيڻ لاءِ درسگاھ ٺاھيندا ۽ ننگر خانو پڻ قائم ڪيو ويندو جتي ھر غريب مسڪين پورھيت مزدور طبقي سان واسطو رکندڙن کي مفت ۾ کاڌو ڏنو ويندو. ھن چيو ته هن علائقي ۾ گذريل برساتن جي ڪري پيٽ جون بيماريون، چمڙي جون بيماريون، اکين جي تڪليف ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙيون بيماريون عام ٿينديون ٿيون وڃن جنھن کي منھن ڏيڻ لاء ڪئمپ لڳائي ته جيئن غريب ماڻھن کي رليف ملي سگھي.......
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مورو
مفت ميڊيڪل
0 تبصرے