English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ اسان جو جياپو آهي، ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت ڪنداسين: صنعان خان قريشي
views
|
27th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
جسقم بشير خان قريشي پاران عمرڪوٽ ۾ سنڌ پيغام مارچ جي عنوان هيٺ ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جسقم بشير خان قريشي طرفان سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني واه ڪڍڻ ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي خلاف سنڌ پيغام مارچ جي عنوان سان ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي جڏھن ته جسقم بشير خان چئيرمين صنعان خان قريشي وڏي قافلي جي صورت ۾ پيغام سنڌ مارچ جي ريلي جي اڳواڻي ڪندي الله والا چوڪ عمرڪوٽ پهتو جتي ڪارڪنن گلن نڇاور ڪري آجيان ڪئي ويئي ريلي کي خطاب ڪندي جسقم چئيرمين صنعان خان قريشي, چيو ته سنڌو درياءۡ اسانجو جياپو آهي ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪنڌي 24 نومبر تي سڪرنڊ بائي پاس تي ڌرڻو هڻي پنجاب ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويندا سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ لاءۡ سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪو سازشون ناڪام بڻائينداسين ھن وڌيڪ چيو ته اسان محبت امن پيار جو پيغام کڻي عمرڪوٽ آيا آهيون هي ڳاڙهي جهنڊي وارا، ڪولهي ڀيل باگڙي ميگهواڙن مسڪينن جا رکوالا آهن، اوهان کي ڊڄڻ نه گهرجي. سنڌي هڪ قوم آهي. قومون ڌرتي جي بنياد تي، ڪلچر ۽ تهذيب جي بنياد تي ٺهنديون آهن. شاهنواز جا ٻچا يتيم ڪرڻ وارو. هن جي وني کي بيواه ڪري لڙڪ ڏيندڙئو اسان کي يقين آهي ته هر بيگناه ماريو ويندڙ واپس ورڻو آهي اسان صوفين جو پيغام سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائينداسين سنڌ اسانجي ماءۡ آهي سنڌ محبت امن ۽ پيار ڌرتي آهي اتي مذهبي انتهاپسندي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جا قاتل فورن گرفتار ڪيا وڃن هڪ سازش تحت سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿ ڏني پئي جنهن جا نتيجا اڳتي خراب نڪرندا سنڌ کي محبتن جي ضروت آهي سنڌي هڪ قوم آهي. قومون ڌرتي جي بنياد تي، ڪلچر ۽ تهذيب جي بنياد تي ٺهنديون آهن. امجد مهيسر، اطھر سومرو، محمد سمون ،رمضان خاصخيلي، ٻئين چيو ته عمرڪوٽ امن جو شهر هو. جتي مذهبي تاثر ڏنو پيو وڃي. سنڌ جو ماڻهو انسان دوست آهي. صنعان امن جو پيغام کڻي عمرڪوٽ پهتو آهي. سنڌ هر مذهب هر فرقي ۽ پارٽي سان تعلق رکندڙن جي ماءُ آهي رياست جڏهن به سنڌ خلاف ڪجھ وڏو ڪرڻ چاهيندي آهي ته عمرڪوٽ جهڙي پرامن علائقي ۾ شاهنواز جهڙو واقعو ڪرائي ماڻهن کي انگيج ڪندا آهن. پنجاب ڇھ غيرقانوني واھ ڪڍي پنجاب جي زمين آباد ڪرڻ چاهي ٿو. اگر ملڪي ادارن کي واھ ڪڍي آبادي ڪرڻي آهي ته ٿر کي واهن ذريعي پاڻي ڏيو. پنجاب ته اڳ ئي سرسبز ۽ خوشحال آهي. هنن اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين مرد ڪلارڪ رکڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته اهي ڪلارڪ ۽ پروفيسر نياڻين کي بليڪ ميل ڪري هراسان ڪن ٿا. ان معاملي نوٽيس ورتو وڃي ان کان اڳ عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ جانهيرو پھچي مقتول ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀار جي تڏي تي وارٽن سان تعزيت ڪئي ء مقتول جي وارثن کي تحفظ ء انصاف ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
صنعان خان قريشي
جسقم بشير خان قريشي
0 تبصرے