English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ۾ ويڳي پٽ جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل عورت ۽ سندس ڀاءُ واري واقعي خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
215 views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
مقتولا ساجده ڀٽي ۽ وحيد سابقي جي وارثن، سول سوسائٽي، قومپرست، مذهبي اڳواڻن، صحافين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو
مورو(جاني جماڻي) مورو شھر م بيگناھ ۽ بيدردي سان قتل ٿيندڙ ساجده ء سندس ڀاءُ وحيد سابقي جي قتل ۽ ملوث ٻين قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن، سول سوسائٽي، قومپرست، مذھبي، صحافين، انساني حقن جي تنظيم پاران قرآن پاڪ کڻي نياڻين سان گڏ احتجاجي ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب جي سامھون ڌرڻو ھڻي علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي احتجاج جي اڳواڻي مقتولن جا وارث امڙ خانزاديءَ، ڀيڻ ناديہ، نياڻي ڪشمالا، وحيد جي بيوہ سونھن، صدام ڪورائي، اعجاز ڪورائي، زاھد سابقي، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ تحمينہ ميمڻ، بسمہ ڀان، جسقم اڳواڻ آزاد امتياز کوسو، ايس ٽي پي اڳواڻ اصغر بليدي، بلاول ڏاھري، فنڪار نگھت ناز، سڌير ميرالي، امن ڪاميٽي اڳواڻ خادم حسين کوسو، برڪت چنو، صدام ڪلھوڙو، جاني مورائي، آڪاش ڪورائي، وقار ٻلال، قاسم زرداريءَ، فياض ڪورائي، فاروق ڪورائي، سيد بابر شاھ، حاجي خان سمون، حسن زرداريءَ، عبدالغفار ٻيا ڪري رھيا ھئا. جتي ھنن چيو تہ مورو شھر جي وچ روڊ تي سرعام جوابدار راشد علي ڀٽي فائرنگ ڪري اسان جي نياڻي پنھنجي ويڳي ماءُ ساجدہ ڀٽي ۽ اسان جي ڳڀرو نوجوان ڀاءُ وحيد سابقي کي گوليون ھڻي بي درديءَ سان قتل ڪيو آھي، ٻٽي قتل ۾ ملوث راشد علي ڀٽي گرفتار آھي جڏھن تہ ٻيا جوابدار اسد ڀٽي، لياقت ڀٽي، شمن ڀٽي، ڪامران ابڙو اڃا تائين گرفتار ناھن ٿي سگھيا، ھاڻي اسان کي جوابدار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن تہ ڪيس تان ھٿ کڻو ٻي صورت توھان کي بہ ماريو ويندو جن مان اسان کي جان جو خطرو آھي. مقتولن جي وارثن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۽ پاڻ کي باھيون ڏينداسين، سمورن سياسي سماجي علمي ادبي مذھبي قومپرست حلقي سان واسطو رکندڙن وڏي وزير، گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار کان مطالبو ڪيو تہ مورو شھر ۾ امن امان جي خراب صورتحال جو نوٽيس وٺي امن بحال ڪرايو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ساجده ڀٽي
وحيد سابقي
مورو
ڪشمالا،
0 تبصرے