English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
26هين ترميم ملڪ ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار آهي، ان خلاف عوامي توڙي قانوني جدوجهد جاري رهندي: ڪاشف سعيد شيخ
111 views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
71فيصد گيس ۽ 57 فيصد تيل ڏيڻ باوجود هتان جا ماڻهو بُک، بدحالي ۽ محرومين جو شڪار آهن
جيڪب آباد (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته 26هين ترميم ملڪ ۽ قوم لاءِ سخت هاڃيڪار آهي، حڪمرانن اهو سڀ ڪجهه پنهنجي مرضي جا جج ۽ فيصلا وٺڻ لاءِ ڪيو آهي، جماعت اسلامي ان ملڪ دشمن ترميم خلاف قانوني ۽ عوامي جدوجهد جاري رکندي، خوشحال سنڌ 71فيصد گيس ۽ 57 فيصد تيل ڏيڻ باوجود هتان جا ماڻهو بُک، بدحالي ۽ محرومين جو شڪار آهن، اڄ به سنڌ ۾ 70لک ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر ۽ گيراجن ۾ مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن اهو سڀ ڪجهه نااهل ۽ ڪرپٽ قيادت کي عوام مٿان مسلط ڪرڻ جو نتيجو آهي. پ پ سنڌين کان ووٽ تہ وٺي وڃي ٿي پر عوام جا اهنج ختم ڪرڻ توڙي ترقياتي ڪم ڪرڻ ته پنهنجي هنڌ رھيا ويتر اقتدار خاطر سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري ٿي ڇڏي ارسا ائڪٽ ۾ ترميم ان جو چٽو مثال آهي. جماعت اسلامي هڪ ديني، اصولي ۽ جمهوري پارٽي آهي جنهن جون مقامي جماعتن کان وٺي مرڪزي امير تائين باقاعده چونڊون ٿينديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال جيڪب آباد ۾ رٿيل آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نئين چونڊيل اميرضلع جيڪب آباد ابو بڪر سومرو پنهنجي ذميواري جو قسم کنيو، اڳوڻو امير حاجي ديدار لاشاري، امداد الله بجاراڻي، هدايت الله رند ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان کان اڳ ۾ سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپي پارائي وئي. ڪاشف سعيد شيخ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته جماعت اسلامي هميشه سنڌ جي هر ٻرندڙ اشو تي آواز اُٿاريو آهي، سنڌوءَ مان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ واري عمل خلاف ڪراچي کان بدين تائين “ درياهه بچايو مارچ” ۾ جماعت اسلامي جي قيادت ۽ ڪارڪنن ڀرپور شرڪت ڪئي. پ پ کي چوٿون ڀيرو اقتدار مليو آهي، پر سنڌ وري به ساڳيو سورن ۾ آهي، سنڌ ۾ صرف ڪرپشن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، معصوم ٻارڙن سميت بزرگن ۽ نوجوانن کي اغوا ڪري تشدد واريون وڊيوز اپ لوڊ ڪري سندن وارثن کان ڳرا ڀُنگ وصول ڪيا پيا وڃن، پر سنڌ پوليس ۽ آءِ جي غلام نبي ميمڻ فقط حڪمرانن جي چوڪيداري ۾ مصروف آهن، عوام جو ڪوبه والي وارث ڪونهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ صوبي سميت سڄي ملڪ جي مڙني مسئلن جو حل ديانتدار قيادت ۽ سٺي حڪمراني سان ئي ممڪن ۽ تقدير بدلجي سگهجي ٿي جنهن لاءِ جماعت اسلامي روز اول کان جدوجهد ڪري رهي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جو عوام بار بار آزمايل سياستدانن بدران جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ته جيئن سندن دردن جو درمان ٿي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
03rd Feb 2026
•
Jobs
حيدرآباد لاءِ تعليم کاتي ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ حاجي ميان محمد حسن شاهه جي سالگرهه تقريب، ڪيڪ ڪٽيو ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي باءِ پاس تي حادثي ۾ واٽهڙو فوت ٿي ويو
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ نوجوانن کي مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ سهڪار ڪيو ويندو: صنم عباس ٽالپر
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
دادو پوليس پاران صحافين تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪاشف سعيد شيخ
جماعت اسلامي سنڌ جو امير
جيڪب آباد
0 تبصرے