English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سيرت لنبي صه ڪانفرنس جو اکين ڏٺو احوال
views
|
01st Nov 2024
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مشتاق احمد لنڊ
فخر موجودات , سرور ڪائنات , رحمت للعالمين , سوا لک نبين جي سردار مٺي مدني منٺا ر حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن جي ولادت با سعادت جي خوشيء ۾ ” سيرت النبي پاڪ صه “ جي ھڪ شاندار ۽ پر وقار تقريب گورنمينٽ تعمير نئون ھاء اسڪول سکر ۾ ٿي گذري . ھن روحاني ۽ مقدس تقريب جا چيف گيسٽ ممتاز تعليمي ماھر ، علم دوست آفيسر ۽ ھر دل عزيز شخصيت حافظ شھاب الدين انڍڙ , ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر , جڏهن ته ڪو چيف گيسٽ ممتاز تعليمي ماھر عبدالعزيز ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمنٽري سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن ضلع سکر ھئا . اعزازي مھمان جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ايليمنٽري سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن آفيسر ميل تعلقه سکر سٽي هئا . ھن تقرريب جي صدارت حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊماستر گورنمينٽ تعمير نئون ھاء اسڪول سکر ڪئي . استادن سيد نديم حسين شاھ بخاري , مشتاق علي لنڊ , محمد رمضان مري ھيڊ ماستر , احمد ظفر انصاري , فرسٽ اسسٽنٽ , محمد راشد , انعام نبي , سفير احمد ميتلو , سليم الله پٺاڻ , ۽ ٻين ھڪ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۔ اسڪول جي ٻارن ذھني آزمائش جي مقابلن ۾ حصو ورتو قرعت ۽ نعت ۽ تقريرون ڪري پاڻ سڳورن تي عقيدت جا گل نڇاور ڪري قابليت جا جوھر ڏيکاريا . حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊ ماستر گورنمينٽ تعمير نو ھاء اسڪول سکر معزز مھمانن کي ڀليڪار ۽ مرحبا ڪندي , تشريف فرما ٿيڻ تي ٿورا مڃيا . عبدالعزيز ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن ضلع سکر خطاب ڪندي چيو ته حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊ ماستر , استادن , ٻارن ۽ خصوصي طور جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر کي پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ھجن . جاويد حميد قريشي صاحب تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سدائين محنت سان اھڙا پروگرام ڪندا رھندا آھن . حافظ شھاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر جو به ٿورائتو آھيان جو مصروفيتن باوجود پروگرام ۾ شرڪت ڪري پروگرام کي رونق بخشيو آھي . پاڻ وڌيڪ چيائون ته حضور اڪرم صه جن نھايت مھربان , ٻاجھارا , رحمدل ۽ سخي ھئا . پاڻ سڳورن صه جي اخلاق مبارڪ جي شاھدي خود قرآن مجيد ۾ موجود آھي , ترجمون ” بيشڪ توھان لاء رسول الله جي ذات ۾ بھترين نمونو آھي . “ استاد صاحبان روزانه ٻارن کي سيرت النبي پاڪ صه ۽ سنت مبارڪن بابت ڪلاسن ۾ به ٻارن کي ٻڌائڻ ۽ سمجھائڻ گھرجي . حافظ شھاب الدين انڍڙ ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن ايليمينٽري , سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن سکر ريجن سکر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته حافظ لعل محمد تنيو سينئر ھيڊ ماستر ۽ جاويد حميد قريشي تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ھن با برڪت پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ھجن . اھڙا مقدس پروگرام بيحد ضروري آھن . ھنن ٻارن جي موجودگي کي سماج جي شرڪت سمجھيو وڃي . ھي ٻار ھتان سيرت النبي پاڪ صه بابت سکي اھي ڳالھيون ۽ عمل گھرن ۾ ڪندا آھن . ھي ٻار ئي سماج جي ڪاميابيء جا اصل ڪردار آھن . اسان سماج کي ساڃاه وند پيڙھي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون . اسان جي ھٿ وس ڪوشش ڪرڻ آھي باقي ڪرڻو ڪريم کي آھي جيڪو بيحد مھربان ۽ ٻاجھارو آھي . پاڻ وڌيڪ چيائون ته اڃا ھنن ٻارن جي نثر ۽ نظم پڙھڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي . شعر پڙھڻ جي آواز ۽ انداز کي اڃا وڌيڪ بھتر بنائڻ جي ضرورت آھي . اھي ڳالھيون ۽ ھدايتون جنرل سڀني لاء آھن . ٻارن ۾ صلاحيتون آھن بس ان ۾ نکار آڻڻ ۽ موقعن ڏيڻ جي ضرورت آھي . قرآن مجيد ۾ آھي ته ترجمون ” بيشڪ اي محمد صه تون سھڻي اخلاق جي وڏي مرتبي تي آھين “. پاڻ سڳورا صه جن گفتگو نھايت آھستگيء سان فرمائيندا ھئا . نبي ڪريم ص جن جا اخلاق مبارڪ سموري انسانذات لاء واٽ جي لاٽ آهن ـ انهيَ واٽ جو "سھائو" روشني اعلي اخلاق جي قدرن وڃايل ماڳ تي رسائڻ لاء اڄ به اسان جو سونھون بڻجي سگهي ٿو . آخر ۾ حافظ لعل محمد تنيو ۽ استادن تعليمي آفيسرن کي خدمتن جي مڃتا ۾ شيلڊ پيش ڪيا ـ تعليمي آفيسرن استادن کي بھترين استاد جون شيلڊون ڏنيون ۽ پڻ پوزيشن کڻندڙ ٻارن کي شيلڊون ڏنيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
پیپلز پارٹی آئینی عہدے حاصل کر کے وفاق میں اقتدار کے مزے لوٹ رہی ہے،روزی خان کاکڑ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سيرت لنبي
ڪانفرنس
فخر موجودات
سرور ڪائنات
مشتاق احمد لنڊ
0 تبصرے