English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪينجھر ۾ چاڙهه بعد جھمپير لڳ 150 گھرن تي مشتمل ڳوٺ لال بخش منڇري ملاح مڪمل پاڻي ھيٺ
105 views
|
02nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڳوٺاڻا عارضي طور لڏپلاڻ ڪري ڳوٺ ڇڏي ويجهو ئي جابلو ٽڪري تي پهچي پناھ ورتي
ٺٽو( شفيق ڀٽي) نوري ڄام تماچي جي عشقيہ داستان سان وابسطہ نيري پاڻي جي وڏي ڍنڍ ڪينجھر ۾ پاڻي وڌڻ ڪري جھمپير لڳ 150 گھرن تي مشتمل ڳوٺ لال بخش منڇري ملاح ڪينجھر ڍنڍ جي مڪمل پاڻي ھي گھيري ۾ اچڻ ڪري ڳوٺاڻا عارضي طور لڏپلاڻ ڪري ڳوٺ ڇڏي ويجهو ئي جابلو ٽڪري تي اچي پناھ وٺي آباد ٿيا آهن، پر انتظاميہ اڃان تائين ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن حاجي گلو منڇري جي اڳواڻي ۾ عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن سقن گڏ سخت احتجاج ڪندي چيو ته ھو ڪينجھر ڍنڍ ۾ اضافي پاڻي اچڻ ڪري سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن،
ھڪ طرف کين ڪابہ بنيادي سھوليت ميسر ناھي تہ مٿان وري ڪينجھر ڍنڍ ۾ اضافي پاڻي سندن گھرن کي گھري ويو اھي، جنھن مان نڪرڻ مشڪل بڻھي ويو اھي، جنھن ڪري لڏپلاڻ ڪري جابلو ٽڪري تي عارضي رھائش اختيار ڪئي اھي، پر کين ھيتري ايندڙ تڪليفن ۾ بہ سندن ڪير سار لھڻ وارو ناھي، ھنن چيو تہ اسان سدائين پ پ کي ووٽ ڏيندا آهيون، پر ڪنهن به چونڊيل نمائندي توڙي ضلعي انتظاميہ سندن سار ناھي لڌي،
هنن ڊي سي ٺٽو، ايم اين اي صادق علي ميمڻ، صوبائي وزير اوقاف سيد رياض علي شاه شيرازي کان مطالبو ڪيو ته سندن ڳوٺ کي چئوطرف بند ڏياري ڳوٺ کي پاڻي کان محفوط بڻائي کين عارضي طور رھائش لاء ٽينٽ مهيا ڪري سندن مالي مدد ڪرڻ سان گڏ کين بنيادي سھولتون روڊ، رستو، بجلي مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي، جيئن ھو وڌيڪ تڪلفين کان بچي سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شفيق ڀٽي
نوري ڄام تماچي
ڪينجھر ڍنڍ
0 تبصرے