English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور پوليس هٿان فل فراءِ ٿيل ٻن ڀائرن جا لاش قبرڪشائي بعد وارثن حوالي
views
|
04th Apr 2023
•
سنڌي خبرون
قبرڪشائي ڪرڻ بعد رحيم يار خان واسي اورنگزيب ۽ جمشيد لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا
ڪشمور(دلبر جاني) رحيم يار خان پوليس رحيميار خان مستان شاہ محلي رهواسين اورنگزيب ۽ جمشيد کي ڪشمور پوليس هٿان فل فراءِ ڪرائي ڇڏيو، جنهن بعد وارثن لاش ڪشمور پوليس کان اجازت بعد قبر ڪشائي ڪري ايمبولينس ذريعي رحيميار خان کڻي ويا تفصيل موجب :- زاهد خان عرف خاني ٽائيگر رحيم يار خان چوڪ پٺاڻ اسٽريٽ نمبر 6 واسي ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته اسين سياسي پارٽي پي ٽي آئي سان تعلق آهي ۽ اسانجي ڪيمپ تي پوليس بنا ڪنهن سبب جي ڪڏهن منهنجي ڀائرن اورنگزيب ۽ جمشيد کي بيگناه پڪڙي ڏھ ڏينهن گم ڪرڻ بعد سومر رات ڪشمور پوليس هٿان مارائي ڇڏيو آهي ۽ مونکي پڪڙڻ لاءِ روز منهنجي گهرن ۾ چڙهائي ڪري ، منهنجي ڪئمپ ۾ وڃن ٿا ۽ اتي ڀڄ ڊاهه ڪن ٿا ۽ پوليس چوي ٿي خاني ٽائيگر، دهشتگرد آهي مان هڪ عام شهري آهيان، منهنجي جان کي خطرو آهي، مونکي پوليس ڌمڪيون ڏئي رهي آهي.جيڪڏهن مون کي ڪو نقصان پهچندو ته انجا ذميوار ڊي پي او، ڊي ايس پي، ايس ايڇ او سي آئي انچارج ظهير الدين بابر عرف ظهير جوگيگا وارا هوندا ۽ منهنجي ڀائرن جي قتل جا ذميوار به ئي آهن جن منهنجي ٻن ڀائرن اورنگزيب خان عرف ڪالو خان ۽ جمشيد خان کي گذريل ڪيترن ڏينهن کان رحيم يار خان پوليس گم ڪري ڇڏيو هو مون وٽ سي سي ٽي وي وڊيو موجود آهن جڏهن منهنجي ڀائرن کي کنڀي گم ڪيو ويو، ۽ هاڻ سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته ڪشمور پوليس به اڻڄاتل ماڻهون مقابلي ۾ ماريا آهن ۽ جڏهن وڊيو ڏٺو سين ته اُهي اسانجا ڀائر اورنگزيب ۽ جمشيد هئا جن کي ڪشمور پوليس رحيمار خان پوليس جي چوڻ تي قتل ڪيو آهي مان اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪريان ٿو ته مون سان انصاف ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪشمور
رهواسين
0 تبصرے