English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ضلعي ۾ 150 اسڪول مستقل ۽ 33 اسڪول عارضي طور بند پيل
34 views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي زاھد حسين رند جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جو اجلاس
سجاول(گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند جي صدارت ھيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪڊري پيار علي خواجہ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري واجد علي جکراڻي، چيف مانيٽرنگ آفيسر اصغر علي شاھ، آر ايس يو، ايل ايس يو جي نمائندن ۽ ٻين لاڳيپل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي سجاول ۾ بند پيل سرڪاري اسڪولن کي فعال بڻائڻ سميت انفراسٽرڪچر جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيف مانيٽرنگ آفيسر ٻڌايو تہ ضلعي ۾ 150 اسڪول مستقل جڏھن تہ 33 اسڪول عارضي بند پيل آھن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند تعليم کاتي جي ضلعي عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو ٽي اي اوز سان گڏجي سمورن بند پيل اسڪولن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺن ۽ ايندڙ گڏجاڻي ۾ ھڪ تفصيلي جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنھن ۾ بند پيل اسڪولن جا سبب پڻ ڄاڻايل ھُجن تہ جيئن انھن اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي. ھُن کين وڌيڪ ھدايت ڪئي تہ ضلعي ۾ ھلندڙ بھتر پرائمري توڙي سيڪندري اسڪول جن جي انرولمينٽ زيادہ ھُجي انھن جي پڻ لسٽ جلد فراھم ڪئي وڃي تہ جيئن انھن اسڪولن کي ترجيحي بنيادن تي فرنيچر ۽ ٻيون گهربل سھولتون فراھم ڪري سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ سرڪاري تعليمي ادارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن تہ جيئن بھتر تعليم جي فراھمي سميت ٻارڙن کي ھر ممڪن سھولتن جي فراھمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ھُن چيو تہ تعليم جي شعبي ۾ بھتر ۽ معياري سھولتن جي فراھمي ضلعي انتظاميہ جي ترجيحن ۾ شامل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
زاھد حسين رند
0 تبصرے