English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ضلعي ۾ 150 اسڪول مستقل ۽ 33 اسڪول عارضي طور بند پيل
213 views
|
07th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڊي سي زاھد حسين رند جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جو اجلاس
سجاول(گلشيرميربحر) ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند جي صدارت ھيٺ ڊسٽرڪٽ سروس ڊليوري ڪميشن جو اجلاس منعقد ٿيو، جنھن ۾ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪڊري پيار علي خواجہ، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري واجد علي جکراڻي، چيف مانيٽرنگ آفيسر اصغر علي شاھ، آر ايس يو، ايل ايس يو جي نمائندن ۽ ٻين لاڳيپل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ضلعي سجاول ۾ بند پيل سرڪاري اسڪولن کي فعال بڻائڻ سميت انفراسٽرڪچر جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي چيف مانيٽرنگ آفيسر ٻڌايو تہ ضلعي ۾ 150 اسڪول مستقل جڏھن تہ 33 اسڪول عارضي بند پيل آھن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زاھد حسين رند تعليم کاتي جي ضلعي عملدارن کي ھدايت ڪئي تہ ھو ٽي اي اوز سان گڏجي سمورن بند پيل اسڪولن جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺن ۽ ايندڙ گڏجاڻي ۾ ھڪ تفصيلي جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنھن ۾ بند پيل اسڪولن جا سبب پڻ ڄاڻايل ھُجن تہ جيئن انھن اسڪولن کي فعال بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي سگهجي. ھُن کين وڌيڪ ھدايت ڪئي تہ ضلعي ۾ ھلندڙ بھتر پرائمري توڙي سيڪندري اسڪول جن جي انرولمينٽ زيادہ ھُجي انھن جي پڻ لسٽ جلد فراھم ڪئي وڃي تہ جيئن انھن اسڪولن کي ترجيحي بنيادن تي فرنيچر ۽ ٻيون گهربل سھولتون فراھم ڪري سگهجن. ڊپٽي ڪمشنر چيو تہ سرڪاري تعليمي ادارن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن تہ جيئن بھتر تعليم جي فراھمي سميت ٻارڙن کي ھر ممڪن سھولتن جي فراھمي کي يقيني بڻائي سگهجي. ھُن چيو تہ تعليم جي شعبي ۾ بھتر ۽ معياري سھولتن جي فراھمي ضلعي انتظاميہ جي ترجيحن ۾ شامل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
زاھد حسين رند
0 تبصرے