English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي قوم ۽ سنڌ خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪندي، سنڌو سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي: ڊاڪٽر قادر مگسي
221 views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ ايس ٽي پي پاران يوم شهداءِ سنڌ تي جلسو منعقد
ڪراچي ( احسان ابڙو ) سنڌي قوم سنڌ جي خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪندي. سنڌو درياءَ سنڌ جي جياپي جو ذريعو آهي ان تي ڪوبه ڪئنال منظور ناهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ڪراچي جي غازي ڳوٺ ۾ يوم شهداءِ سنڌ جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو هن چيو ته سنڌ مٿان مڙهيل جاگيردار طبقو سدائين ونگاري ڪردار ادا ڪندي سنڌ خلاف سازشن ۾ شامل رهيو آهي. جيستائين ان کان اقتدار کسي پورهيت طبقي جي نمائيندن کي اسيمبلي نه موڪليو ويو تيستائين سنڌ مٿان هي غلامي جا ڪارا ڪڪر ختم نه ٿيندا. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌو درياءَ مٿان ڪئنال ٺاهي ڇهه ڪروڙ سنڌين جو اجتماعي قتلام ڪرڻ تي چاهي. صدارتي محل کان ويندي سينٽ تائين پ پ پ ويٺل آهي ايستائين جو وفاقي حڪومت به پ پ پ جي سهاري تي بيٺل آهي جيڪڏهن پ پ پ هن سنڌ دشمن فيصلي ۾ شريڪ ناهي ته پوءِ ڇو نٿي وفاقي حڪومت کي پنهنجي ٽيڪ ختم ڪري. پ پ پ خود هن سازش ۾ برابر جي شريڪ آهي صدارتي محل ۾ ويٺل آصف زرداري خود پنهنجي هٿن سان صحيح ڪري ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبي جي منظوري ڏئي سنڌ خلاف موت جو پروانو جاري ڪيو آهي. پر اها هنن حڪمرانن جي ڀل آهي سنڌ جا ماڻهو ڪنهن به صورت پنهنجي سنڌو درياءَ تان دستبردار نه ٿيندا. اهي ساه جي آخري هڏڪي تائين پنهنجي سنڌو درياءَ جي بقاءِ لاءِ جدوجهد ڪندا. ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته نائين نومبر تي حيدر آباد ۾ هٽڙي بائي پاس تي ڌرڻو هڻي احتجاج رڪاڊ ڪرايو ويندو، 20 نومبر تي سڪرنڊ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو ۽ 24 نومبر لکين سنڌي گورنر هائوس اڳيان هن سنڌ دشمن منصوبي خلاف پنهنجو احتجاج رڪاڊ ڪرائيندا. يوم شهداءِ سنڌ جي جلسي کي ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو ، هوت خان گاڏهي ، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ، گلزار سومرو، خيرمحمد مگسي ، عاشق ٿهيم ، پير بخش بهلڪاڻي، اللھورايو عمراڻي اصغر سبزوئي، غلام علي بليدي ۽ ٻين خطاب ڪيو جڏهن ايس ٽي پي جي مرڪزي عاشق سولنگي قومي گيت پيش ڪيو. جلسي ۾ مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري ،امتياز سمون ، گوتم چنا، ڄام شوڪت ابڙو ، امتياز سمون ، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، جان محمد جوڻيجو، سرواڻ مگسي ، رجب علي مگسي، ڪامريڊ احسان جيھو ، سعيد لکڻ، سميت وڏي انگ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ سنڌي ماڻهن پاران شرڪت ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
سنڌي قوم سنڌ
ڊاڪٽر قادر مگسي
STP
يوم شهداءِ
0 تبصرے