English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: خانگي ڪمپنين جي زهريلي پاڻي سبب علائقي ۾ مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون، احتجاج
views
|
04th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سپر هاءِ وي لڳ خانگي ڪمپنين مان زهريلي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سبب علائقي ۾ بيماريون پکڙجي ويون آهن: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سپر هاءِ وي لڳ خانگي ڪمپنين مان زهريلي ۽ گندي پاڻي جي ڇوڙ سبب علائقي واسي چمڙي، پيٽ ۽ دم جي بيمارين ۾ مبتلا، دنبه ڳوٺ سميت ڀرپاسي جي علائقن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ احتجاج ڪندا نڪري آيا، ڪمپنين سامھون احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو، انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪيو، ماحول کي تباهه ٿيڻ کان بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ماحوليات کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي ميمورينڊم جاري، صدين کان آباد آهيون نجي ڪمپنين ۾ روزگار ته نٿو ڏنو وڃي اٽلندو غيرقانوني طور تي بورينگ ذريعي پاڻي حاصل ڪري زهريلو ۽ گندي پاڻي جو آبادين ۾ ڇوڙ ڪيو ٿو وڃي، ڪارروائي نه ڪئي وئي ته نجي ڪمپنين خلاف سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻنداسين اڳواڻ تفصيل موجب ملير ۾ سپر هاءِ وي لڳب خانگي ڪمپنين مان زهريلي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال سبب علائقي واسي چمڙي، پيٽ ۽ دم جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ علائقي جي سماجي اڳواڻن نهايت ڳڻتي جو اظهار ڪندي احتجاج جو سڏ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ علائقي واسي نظير عالياڻي، باسط پالاري، فياض پالاري، نواب پالاري، گلشير پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڄاڻايل نجي ڪمپنين سامھون گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪندي ڌرڻو هنيو، هو گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو، انتظاميا جي خلاف ڪارروائي ڪيو، ماحول کي تباهه ٿيڻ کان بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا، ان موقعي تي هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صدين کان آباد آهيون پر علائقي ۾ موجود نجي ڪمپنين ۾ بي روزگار نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي، اٽلندو ڪمپنين مان زهريلي پاڻي جو علائقي ۾ ڇوڙ ڪري مختلف بيمارين ۾ مبتلا ڪيو پيو وڃي، هنن الزام هنيو ته ڪمپني انتظاميا غير قانوني طور تي بورينگ ذريعي وڏي پئماني تي پاڻي حاصل ڪري زهريلي ۽ گندي پاڻي جو ڇوڙ آبادين ۾ ڪري رهي آهي، هنن اعلان ڪيو ته ڄاڻايل ڪمپنين خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سپر هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ ۾ مجبور ٿي پونداسين .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
دنبا ڳوٺ
ملير
سپر هاءِ وي
0 تبصرے