English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لياقت علي لنڊ جي صدارت هيٺ اجلاس
32 views
|
12th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
عدالتي حڪمن جي روشني ۾ ضلعي جي وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير بابت غور ويچار
نوشهرو فيروز (ڊر) عدالتي حڪمن جي روشني ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي وڏن شهرن ۾ پبلڪ ٽوائلٽس جي تعمير جي سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (ون) لياقت علي لنڊ جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ضلعي جي سمورن سرڪاري کاتن جي ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته عدالتي حڪمن جي روشنيءَ ۾ عوام جي سهولت لاءِ بس اسٽاپ، سمورين ننڍين وڏين مارڪيٽن ۽ ٻين هنڌن تي پبلڪ ٽوائلٽس ٺاهيا پيا وڃن سمورن کاتن جي آفيسن ۾ صفائي سٿرائي سان گڏ واش رومز جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽين جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي لاڳاپيل تعلقن ۾ هنڌن جي نشاندهي ڪن ۽ لسٽون ڊپٽي ڪمشنر آفيس کي فراهم ڪيون وڃن. جڏھن تہ اڳ ۾ ئي فنڊز مختص ڪيا ويا آهن. جتي پبلڪ ٽرائليٽ اڳ ۾ ئي موجود آهن، انهن کي فعال رکڻ گهرجي. هن اها به هدايت ڪئي ته هاءِ ويز تي واقع هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن تي واش رومز استعمال ڪرڻ لاءِ چارجز وصول ڪرڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن. اهڙن هوٽلن ۽ پيٽرول پمپن جي مالڪن کي صلاح ڏني وڃي ٿي ته اهي واش استعمال ڪندڙن کان فوري طور تي وصولي ڪرڻ بند ڪن. هن چيو ته شهرن ۾ ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين طرفان پلاٽ فراهم ڪيا وڃن ۽ واش رومز جي تعمير کان پوءِ ميونسپل ڪميٽين ۽ ٽائون ڪميٽين طرفان صفائي، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
لياقت علي لنڊ
0 تبصرے