English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ويجهو عبدالحليم ڳوٺ تي چڙهائي، 6 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن ۽ جي يو آءِ جو سپرهاءِ وي تي ڌرڻو
26 views
|
10th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
محمد حيات، ميانداد شر، سيد سليم الله سميت 6 ڄڻا گرفتار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ۾عبدالحليم ڳوٺ تي روينيو ۽ پوليس جي چڙهائي, 6 ڄڻا گرفتار، ڳوٺاڻن ۽ جميعت علماء اسلام پاران سپر هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، روينيو ڪاموري خلاف نعريبازي، ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ناجائزي ڪئي وئي آهي گرفتار ڳوٺاڻن جي آزادي لاءِ ڳري رشوت طلب ڪئي پئي وڃي اڳواڻ، تفصيل موجب ملير جي گڏاپ واري علائقي عبدالحليم ڳوٺ تي گذريل ڏينهن روينيو ۽ پوليس چڙهائي ڪري محمد حيات، ميانداد شر، سيد سليم الله خان، محمد رياض مولانا محمد عمر ڀانڀڻ، قاري عبدالحڪيم ٻانڀڻ سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جنهن خلاف ڳوٺاڻن ۽ جميعت علماء اسلام پاران سپر هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن جي اڳواڻي جمعيت علماء اسلام ملير جي اڳواڻ مولانا قمرالدين لنڊ، حافظ حمد الله حقاني، محمد عالم لنڊ، نديم چاچڙ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا مظاهرو ڪندڙ دهشت گردي بند، ظلم بند ڪريو جا روينيو ڪاموري خلاف نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻڻ چيو ته روينيو ۽ پوليس بيگناھ ڳوٺ تي ڪاھ ڪري ناجائزي ڪئي وئي آهي ۽ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري 15 لک رپيا رشوت طلب ڪئي آهي رشوت نه ڏيڻ تي ڳوٺ کي ڊاهڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن هنن چيو ته روينيو کاتي جي ڪاموري تپيدار سرفراز ڪٽپر جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي بيگناھ 6 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي هنن ڊپٽي ڪمشنر ملير کان مطالبو ڪيو ته اڻڌري جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ موٽر وي تي هزارين ڳوٺاڻن پاران ڌرڻو هنيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
گڏاپ
عبدالحليم ڳوٺ
عبدالرشيد
0 تبصرے