English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ ھٿياربند چانھه ڪمپني جي ملازمن کان لکين رپيا ڦر ڪري فرار، واپارين ۽ شهرين پاران ڌرڻو
24 views
|
10th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
شاھد علي سومرو ۽ ڌڻي بخش سومرو کان ھٿيارن جي زور تي 6 لک 50 ھزار کان وڌيڪ رقم ڦر
شڪارپور( احسان ابڙو ) شڪارپور وچ شھر مان ھٿياربندن پاران چانھ ڪمپني جي ملازمن کان لکين رپيا ڦر، خبر موجب شڪارپور شھر ۾ امن قائم نه ٿي سگھيو ھٿيار بندن پاران شھر جي وچ مان جھاز چوڪ جي ڀرسان ٽپال چانھ ڪمپني جي ملازمن شاھد علي سومرو ۽ ڌڻي بخش سومرو کان 3 نامعلوم ھٿياربند ڏوھاري ھٿيارن جي زور تي کين يرغمال بڻائي وچ شھر مان 6 لک 50 ھزار کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، نجي ڪمپني جي ملازمن موجب اسان روز جي معمول موجب شھر جي بازارن مان رڪوري ڪري واپس جھاز چوڪ تي دڪان طرف چنگچي تي سوار ٿي جھاز چوڪ تي دڪان طرف اچي رھيا ھئاسين ته جھاز چوڪ ڀرسان چنگچي ۾ سوار ٻن ڏوھارين ۽ موٽرسائيڪل تي سوار سندن ساٿي ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ھڪ ڄڻي ڌڻي بخش سومرو کي زخمي ڪري 6 لک 50 ھزار کان مٿي روڪ رقم کسي ٽئي جوابدار فرار ٿي ويا، واقعي خلاف واپارين ۽ شھرين پاران روڊ بلاڪ ڪري ۽ ڌرڻو ھنيو ويو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڦر واقعي ۽ بدامني خلاف متاثرن ۽ شھرين سخت نعريبازي ڪئي، جنھن بعد ڊي آء بي انچارج سيد شاھجھان شاھ ۽ ايس ايڇ او نيوفوجداري گلزار ٻرڙو مظاھرين سان ڳالھيون ڪرڻ لاء پھتا ۽ شھرين کان جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ ڦر ٿيل سامان رڪور ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ياد رھي ته ڪجھ عرصو اڳ به ٽپال چانھ ڪمپني جي شاپ تان ڏوھاري 10 لک رپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد ۾ گندگيءَ جا ڍير، انتظاميه صرف فوٽو شوٽ تائين محدود
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شاھد علي سومرو
جھاز چوڪ
شڪارپور
0 تبصرے