English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز باءِ پاس وٽ ڌرڻو، نوان ڪئنال منصوبو سنڌ جي هزارين سالا تهذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش آهي: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
views
|
22nd Nov 2024
•
سنڌي خبرون
جسقم ڪارڪنن پاران ريلي ڪڍي باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو، هزارين ماڻهو شريڪ
نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌو درياءَ مٿان ٺهندڙ ڪئنالن خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ جي ھزارين ڪارڪنن باء پاس نوشهروفيروز وٽ ڌرڻو ھڻي قومي شاهراھ کي ڪيترن ئي ڪلاڪن لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنھن سبب قومي شاهراھ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. جسقم ڪارڪنن پھريان پريس ڪلب نوشهروفيروز وٽان احتجاجي ريلي ڪڍي. ريلي شھر جو گشت ڪرڻ بعد چار ڪلوميٽر پيدل مارچ ڪرڻ بعد باء پاس نوشهروفيروز وٽ پھتي جتي ڪارڪنن جسقم جي مرڪزي اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، اياز راڄپر، امتياز کوسو ،فقيرامداد منگي ۽ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو، راڳي وقار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته سنڌو دريا اسان جي ساھ جي رڳ آھي ۽ 6 ڪئنال اڏي سنڌوءَ جو منھن موڙي سنڌوءَ جي ھزارين سالن جي تھذيب کي برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ھن چيو ته پنجاب پنھنجو پاڻي اڳئي وڪرو ڪري چڪو آھي ۽ سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا آھن. جنھن سبب سنڌو جي ڊيلٽا تباھ ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳھي ويو آھي. لکين ماڻھو پاڻي نه ھجڻ ڪري دربدر آھن. سنڌ جي جھنگلي جيوت ذري گھٽ ختم ٿي وئي آھي. پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي ذريعي معيشت سخت متاثر آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ٿو ملي. اھڙي صورت ۾ وري ڪئنال اڏي باقي سنڌوءَ جو منھن موڙيو ويندو جنھن کي سنڌ جا ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو چيو ته پنجاب سدائين سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻي تي ڌاڙا ھنيا آھن. سنڌ وسيلن سان مالا مال ھجڻ باوجود سنڌ ۾ گئس، بجلي ناھي، ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آھن. ھن چيو ته پنجاب پنھنجي ھوڏ تان نہ لٿو ته ھي ملڪ به نه رھندو. ھن چيو ته سنڌو بچائڻ لاءِ لکين ماڻھو احتجاج ڪري رھيا آھن جيڪي ڪئنال اڏڻ وارو اعلان واپس نه ورتو ويو ته پوءِ پنجاب جا رستا بند ڪيا ويندا. راڳي وقار ملاح چيو ته سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به وفاق کي ڪئنال اڏڻ نه ڏيندا، ڇاڪاڻ ته ڪئنال منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آھي. ڌرڻي ۾ راڳي وقار ملاح قومي گيت ڳائي ڪارڪنن کي جهومائي ڇڏيو. ٻئي پاسي ڌرڻي سبب قومي شاهراھ تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جيڪي ڪيترن ڪلاڪن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن سان بيٺل رهيون ۽ ڪيترن ڪلاڪن کان پوءِ سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ خلاف ھنيل ڌرڻو ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ختم ڪندي 29 نومبر تي ٽنڊوالهيار ۾ ريلي ۽ 15 ڊسمبر تي قاضي احمد ۾ قومي شاهراھ تي ڌرڻو ھڻڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيستائين ڪئنال اڏڻ تان ھٿ نه کنيو ويندو، احتجاج جاري رھندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز باءِ پاس
ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
JSQM
جسقم
نوان ڪئنال منصوبو
0 تبصرے