English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريليون ۽ مظاهرا
views
|
24th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو سنڌين خلاف سازش آهي، ان کي رد ڪريون ٿا: اڳواڻ
ڪراچي (رپورٽرز وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ خلاف حيدرآباد، عمرڪوٽ، لاڙڪاڻو، ميهڙ، ڪشمور، قمبر، شهدادڪوٽ، سجاول، باڊهه، ٽنڊو محمد خان، بدين، جيڪب آباد، ٽنڊو باگو سميت مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، خبر موجب سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪارڪنن ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ايس ٽي پي ڪارڪنن خير محمد مگسي، پير بخش بهلڪاڻي، رجب مگسي، اختيار سومرو، اصغر سبزوئي، راڻو خان زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سان زيادتي آهي اهڙي عمل سان سنڌ جا ڪيترائي ضلعا سخت متاثر ٿيندا پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيندي ۽ فصل تباهه ٿيندو، وفاقي حڪومت چولستان کي آباد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش رٿي آهي ڪنهن به صورت ۾ اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، هنن چيو ته ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي جي سڏ تي اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن تمام جلد ڪراچي ۾ سي ايم هائوس ۽ گورنر هائوس آڏو ڌرڻا پڻ هنيا ويندا، سنڌ حڪومت توڙي وفاقي حڪومت کي اهڙي فيصلي کي واپس وٺڻ تائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو وفاق ۾ ويٺل نمائندا هجن يا سنڌ حڪومت ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جا نمائندا هجن انهن هميشه سنڌ ۽ سنڌي عوام سان ويساهه گهاتيون ڪيون آهن سنڌ کي هميشه يتيم سمجهيو ويو آهي افسوس آهي ته سنڌي ماڻهن جو ووٽ کڻي اقتدار ۾ ويٺل چونڊيل نمائندا پڻ هيڏي وڏي معاملي تي اگهور ننڊ ستل آهن، هنن مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي توڙي سنڌ حڪومت فوري طور سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ ڇهن ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺن ٻي صورت ۾ سنڌ سراپا احتجاج هوندي. سجاول ۾ سنڌوءَ درياءَ تي ڪئنال نامنظور، ايس ٽي پي سجاول پاران احتجاج ڪيو ويو، ايس ٽي پي ضلع سجاول جي صدر جمن سنڌ جي اڳواڻي ۾ مامو لاڏو چوڪ کان پبلڪ پارڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن گل حسن رند، ممتازلغاري، دادا سنڌي، شهيد ڀٽو جي اڳواڻ ياسر ڀان، سماجي ورڪر آڪاش خميسو ٻاگهل سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاق سدائين سنڌ سان ظلم ڪندو رهيو آھي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي جي تياري ڪري نوان 6 ڪئنال جوڙڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي جيڪي سنڌي قوم ڪڏهن به جوڙڻ نه ڏيندي، جڏھن ڇھ ڪئنال جو ترميمي بل پاس ٿيو تڏھن سنڌ جو اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي هو جنهن پوري سنڌ ۾ پهرين سراپاء احتجاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو سنڌو درياءَ جي مالڪي ڪيو ۽ نوان ڪئنال خلاف روڊن تي نڪري اچو جنهن جي لاءِ ايس ٽي پي پاران ڊاڪٽر قادر مگسي جي قيادت ۾ 8 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ رٿيل احتجاج ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا سنڌ جي غيرت مند ۽ باشعور عوامي پنهنجي گهرن کان نڪري سنڌو درياءَ جي مالڪي ڪري سنڌ جي زمينن کي سڪڻ کان بچايو. هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي عمرڪوٽ ضلعي طرفان سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف گجوراڻا چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري دوران خطاب ڪندي ايس ٽي پي اڳواڻن ميھار بنگلاڻي، ذوالفقار دلواڻي، ڪامريڊ پمون مل، اسلم مھر ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياھ جو پاڻي سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن جي جياپي جو ذريعو آھي سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌي ماڻھن سان وڏي ناانصافي آھي سنڌو اسان جو ساھ آھي ۽ سنڌ اسان جي ماءُ آھي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. کورواهه ۾ سنڌو ڌريا تي ڇه ڪئنال ڪڍڻ جي فيصلي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ابوبڪر ڪڇي نظير مري اڪبر کور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب کورواھ آڏو احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حڪومتي ڌر پنجاب کي خوش ڪرڻ لاء سنڌو تي ڪئنال ڪڍڻ جي منظوري ڏني آهي جيڪو عمل سراسر غلط آهي ان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون حڪومت جي ان منصوبي کي اسان سنڌي ماڻهون رد ڪريون ٿا مطالبو ڪريون ٿا ته هي فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ڪشمور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ خلاف ايس ٽي پي اڳواڻ رفيق احمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي نياز احمد جکراڻي رفيق احمد چنا غلام عباس دايو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت سان گڏجي سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جو منصوبو جوڙيو آهي جنهن فيصلي کي سنڌ جا ڪروڙين رھواسي رد ڪن ٿا سنڌو درياهه تي ڪئنالن جي اڏاوت سان لکين ايڪڙ ايراضي متاثر ٿيندا ڪيترن ئي ضلعن جا مقامي ماڻهو پاڻي کوٽ سبب متاثر ٿيندا سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت وارو فيصلو فل فور واپس ورتو وڃي ٻي صورت احتجاجي تحريڪ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ھڪ وڏي ڌرڻي جي صورت اختيار ڪندي، بدين ۾ وفاقي حڪومت طرفان سنڌو درياء مان 6 غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران مهراڻ چوڪ کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو روڊ بلاڪ سخت نعريبازي ڪري اڳواڻن شاھنواز سيال ياسر سيال غلام قادر مراداڻي سومرو دلواڻي حاڪمزادي سيال ناديه منڱريو ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موجوده وفاقي سرڪار سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ۾ مصروف ٿي وئي آهي ۽ سنڌو دريا مان زبردستي ڪئنال ڪڍي سنڌ سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌ جي حصي جو پاڻي بند ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪامياب ٿيڻ ڪڏهن به نه ڏينداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌو درياءَ
ايس ٽي پي
STP
سنڌ ترقي پسند پارٽي
0 تبصرے