English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: قائدآباد پل وٽ قديم ڳوٺ غلام محمد بلوچ انتظاميا جي ٽيون ڀيرو چڙهائي، چڪريون
views
|
18th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڳوٺاڻن احتجاج ڪندا قائد آباد پل تي پهچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ايڪسپريس وي، اينٽي انڪرو يمينت ۽ ضلعي انتظاميا جي قائداباد پل لڳ قديم ڳوٺ غلام محمد بلوچ تي ٽيون ڀيرو چڙهائي ناڪام، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا قائداباد پل تي پهچي ويا، احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، روڊ بلاڪ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون، صورتحال کي خراب ڏسي ضلعي عملدار پهچي ويا، انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڳالهيون 5 ڏينهن جي مهلت تي ڌرڻو ختم، ايڪسپريس وي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڳوٺ متبادل زمين ۽ معاوضي تي ڳالهيون هلندڙ آهن ته ان دوران وري آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻا، معاوضو ۽ متبادل زمين ڏينداسين ڳوٺ خلاف نه پر قبضن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون،ڊپٽي ڪمشنر ملير تفصيل موجب ملير ايڪسپريس وي، اينٽي انڪرو چمينت ۽ ضلعي انتظاميا قائداباد پل لڳ قديم ڳوٺ غلام محمد بلوچ تي ٽيون ڀيرو ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪري ڏني جنهن سبب عملو ڳري مشينري ڪاهي واپس موٽي ويو ڳوٺ تي ٽيون ڀيرو چڙهائي خلاف ڳوٺ رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نعرا هڻندا قائداباد پل وٽ پهتا جتي روڊ بلاڪ ڪري غلام محمد بلوچ، غلام رسول بلوچ، نسيم بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، روڊ بند هجڻ سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون اطلاع تي پوليس جا اٽالا پهچي ويا ان دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون پڻ ٿيون هوڏانهن صورتحال کي خراب ڏسي ضلعي جي عملدارن پهچي ڳالهيون ڪيون ان موقعي تي ڳوٺاڻن انتظاميا کي ٻڌايو ته ايڪسپريس وي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ ڳوٺ جي متبادل زمين جي معاوضي لاءِ اڃان ڳالهيون هلندڙ آهن ته ان دوران اوچتو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي ڳوٺ تي ڪاھ بابت ٻڌايو ته معاوضو ۽ متبادل زمين ڏينداسين ڳوٺ خلاف نه پر قبضن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون ڳالهين جي نتيجي ۾ انتظامياڳوٺاڻن کي اڏاوتون هٽائڻ لاءِ 5 ڏينھن جي مهلت ڏني وئي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
چڪريون
قائدآباد پل
ملير
ضلعي عملدارن
ايڪسپريس وي
ڊپٽي ڪمشنر ملير
0 تبصرے