English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: قائدآباد پل وٽ قديم ڳوٺ غلام محمد بلوچ انتظاميا جي ٽيون ڀيرو چڙهائي، چڪريون
83 views
|
18th Nov 2024
•
سنڌي خبرون
ڳوٺاڻن احتجاج ڪندا قائد آباد پل تي پهچي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ايڪسپريس وي، اينٽي انڪرو يمينت ۽ ضلعي انتظاميا جي قائداباد پل لڳ قديم ڳوٺ غلام محمد بلوچ تي ٽيون ڀيرو چڙهائي ناڪام، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا قائداباد پل تي پهچي ويا، احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، روڊ بلاڪ، گاڏين جون قطارون لڳي ويون، پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون، صورتحال کي خراب ڏسي ضلعي عملدار پهچي ويا، انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڳالهيون 5 ڏينهن جي مهلت تي ڌرڻو ختم، ايڪسپريس وي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن ۾ ڳوٺ متبادل زمين ۽ معاوضي تي ڳالهيون هلندڙ آهن ته ان دوران وري آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻا، معاوضو ۽ متبادل زمين ڏينداسين ڳوٺ خلاف نه پر قبضن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون،ڊپٽي ڪمشنر ملير تفصيل موجب ملير ايڪسپريس وي، اينٽي انڪرو چمينت ۽ ضلعي انتظاميا قائداباد پل لڳ قديم ڳوٺ غلام محمد بلوچ تي ٽيون ڀيرو ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن سخت مزاحمت ڪري ڏني جنهن سبب عملو ڳري مشينري ڪاهي واپس موٽي ويو ڳوٺ تي ٽيون ڀيرو چڙهائي خلاف ڳوٺ رهواسين عورتن ۽ ٻارڙن سميت نعرا هڻندا قائداباد پل وٽ پهتا جتي روڊ بلاڪ ڪري غلام محمد بلوچ، غلام رسول بلوچ، نسيم بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، روڊ بند هجڻ سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون اطلاع تي پوليس جا اٽالا پهچي ويا ان دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن ۾ چڪريون پڻ ٿيون هوڏانهن صورتحال کي خراب ڏسي ضلعي جي عملدارن پهچي ڳالهيون ڪيون ان موقعي تي ڳوٺاڻن انتظاميا کي ٻڌايو ته ايڪسپريس وي انتظاميا ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ ڳوٺ جي متبادل زمين جي معاوضي لاءِ اڃان ڳالهيون هلندڙ آهن ته ان دوران اوچتو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي ڳوٺ تي ڪاھ بابت ٻڌايو ته معاوضو ۽ متبادل زمين ڏينداسين ڳوٺ خلاف نه پر قبضن خلاف آپريشن ڪري رهيا آهيون ڳالهين جي نتيجي ۾ انتظامياڳوٺاڻن کي اڏاوتون هٽائڻ لاءِ 5 ڏينھن جي مهلت ڏني وئي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
چڪريون
قائدآباد پل
ملير
ضلعي عملدارن
ايڪسپريس وي
ڊپٽي ڪمشنر ملير
0 تبصرے