English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سهراب ڳوٺ جي يوسي 8 ۾ گٽرن جو پاڻي روڊن تي ڪاهي پيو، رهواسي پريشان
34 views
|
03rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
بلوچ محلو. بشير پٽي. شبير پٽي سميت ڪيترائي علائقا گٽرن جي گندي پاڻي هيٺ اچي ويا
ڪراچي (اعجاز چانڊيو) ميونسپل ڪارپوريشن سھراب ڳوٺ ٽائون يوسي 8 بنيادي سھولتون کان وانجھيل رھواسي گٽرن جي گندي پاڻي مان گزرڻ تي مجبور بڻجي ويا. چونڊيل نمائندن جي مسلسل نااھلي سبب يوسي 8 بلوچ محلو. بشير پٽي. شبير پٽي سميت ڪيترائي علائقا گٽرن جي گندي پاڻي ۾ تبديل ٿي ويا. بلوچ محلي جون مارڪيٽون. مسجدون. اسڪول ويران ٿي ويا. علائقي واسي گھرن ۾ نمازون پڙھڻ تي مجبور بڻيل. اسڪول. مدرسن آڏو گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل انتظاميه اگھور ننڊ ستل يونين ڪاؤنسل کي ملندڙ 12 لک روپيه ڪاگزي ڪاروائي تائين محدود ٿي ويا. مدرسي صديق اڪبر جي قاري عبدالحميد جي اڳواڻي خطابين پاڪ ڪتاب کڻي ٽائون چيئرمين لالا رحيم خلاف احتجاج ڪيو. ان حوالي سان علائقي واسين ٻڌايو ته ھتي نه ڪا يونين ڪاؤنسل جي آفيس موجود ناھي. اسان ڪيترائي ڀيرا ٽائون چيئرمين کي شڪايتون ڪيون پاڪ ڪلمي ۽ قرآن جا واسطه وڌا پر رڳو خالي آسرا ۽ ڏٽا ڏنائين. وڌيڪ اوھان پاڻ علاقي جي حالت ڏسي رھيا آھيون. قاري عبدالحميد ٻڌايو ته منھنجي مدرسي ۾ ٽي سو کان وڌيڪ خطابي داخل ھيا. پر گندي پاڻي سبب 150 ٻارڙن کي والدين مدرسي اچڻ کان روڪي ڇڏيو. خدا کان سواء ڪوبه دانھن ٻڌڻ وارو ناھي. علائقي واسين ٻڌايو ته ٽائون چيئرمين لالا رحيم 20 نومبر تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو واعدو ڪري ھاڻي نئين سال ۾ ڪم ڪرائڻ جو ڏٺا ڏئي رھيو آھي. سالن کان گندي پاڻي سبب مختلف بيماريون ڦھلجي چڪيون آھن. معصوم ٻارڙن کي چمڙي. مليريا. ڊينگي ۽ بيماريون پکڙجي چڪيون آھن. گلن جھڙا معصوم ٻارڙا راند به کيڏي نٿا سگھن. سندن جي زندگين کي خطرو آھي. ھنن سنڌ حڪومت. لوڪل گورنمينٽ. وزير بلديات سعيد غني. ميئر ڪراچي مرتضي وھاب کان نوٽيس وٺي بلوچ محلي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
ميونسپل ڪارپوريشن
0 تبصرے