English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي
views
|
05th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جون زمينون بنجر بڻائڻ واري سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: اڳواڻ
ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، فدا محمداڻي سجاد بروھي،ارصلاح بھلڪاڻي، شاھ علي سھرياڻي، رحمت الله ڇڄڻ، سرور جعفري، سرور گاجاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن قومي عوامي تحريڪ کان پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي چيو تہ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، سنڌو درياھ مان 6 غيرقانوني نوان ڪئنال ڪڍڻ سان پنجاب جي ريگستان واري علائقي جي لکين ايڪڙ غير آباد زمين آباد ٿيندي ۽ سنڌ جي سرسبز لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي. جنھن سان سنڌ جي معيشت تباھ ۽ برباد ٿي ويندي. سنڌو درياھ تي ڪو بہ ڪئنال يا ڊيم ٺاهڻ نہ ڏينداسين اسان جي وڏن ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن سميت سنڌ دشمن قوتن سان جنگ ڪري پنهنجو درياھ ۽ سنڌ بچائي اسين پنهنجي درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ڪون ڏينداسين. مظھر راھوجي چيو تہ وفاقي حڪومت ھوش کان ڪم وٺي. سنڌي ماڻھن کي ديوار سان نہ لڳايو وڃي.حڪومت جيڪڏھن سمجھي ٿي تہ پيپلز پارٽي کي ڪرپشن جي اجازت ڏئي اھي سنڌو درياھ، سنڌ جو پاڻي، وسيلا کڻي ويندا ۽ سنڌي ماڻھو خاموش رھندا تہ اھا انھن جي ڀل آھي. سنڌي ماڻھو خاموش تماشائي نہ رھندا.سنڌي ماڻھو پنھنجي حقن ۽ وسيلن لاءِ اٿندا تہ حڪمرانن جا رستا بند ٿي ويندا. مظھر راھوجي چيو تہ سنڌو درياھ ھزارين سالن جي تھذيب جو اھڃاڻ آھي. سنڌو درياھ سنڌ جي زندگي آھي. حڪمرانن کي سمجھڻ گھرجي تہ انڊس رور سسٽم ۾ ملڪ جي ضرورت جيترو پاڻي ناھي، جنھنڪري ڪو بہ ڪئنال ۽ ڊيم ملڪ ۽ سنڌ جي مفاد ۾ ناھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جيڪڏھن ڪينال ٺھي ويا تہ سنڌ تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي زرعي معيشت تباھ ٿي ويندي. سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جيترو بہ پاڻي نہ ملندو. پنجاب ڏيڍ صدي کان پاڻي جي سلسلي ۾ سنڌ سان ويساھ گهاتي ڪري ڌڙا ھڻي رهيو آهي. چار سئو ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري سنڌ مڪمل سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويندي. سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ ساھ جي آخري ھڏڪي تائين وڙھندا.قومي عوامي تحريڪ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي صدر فدا حسين محمداڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بنجر ٿي ويندي پيپلزپارٽي سنڌ جي آبادگارن جو ھٿ وٺي معاشي قتل ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ حڪومت سنڌي کي ماڻهن کي اصلي مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ تان اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني کي ختم نٿي ڪري.اتر سنڌ ۾ ڪو بہ ماڻھو محفوظ ناھي. ڏوھاري ۽ ڌاڙيل جنھن وقت جنھن کي چاھين نشانو بنائي سگھن ٿا. پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آھي. ڪنڌڪوٽ ڪشمور، شڪارپور، گھوٽڪي، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ ٻيا ضلعا ڌاڙيلن جي ور چڙھيل آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ تي پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا خاموش آھن درياھ قتل ٿيڻ سان سنڌ جو وجود ختم ٿي ويندو. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن جو منصوبو رد ڪريون ٿا.چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سجاد بروهي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي تي سنڌ جو عوام خاموش ڪون ويندو. سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جي سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو درياھ بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي وڙھندا. پنجاب جي 48 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي پيو. 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي غسل جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪشمور ڪراچي کان تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي آھي جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ خوشحالي نٿي حاصل ڪري سگھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌو درياءَ
ڪنڌڪوٽ
قومي عوامي تحريڪ
نوان ڪئنال
0 تبصرے