English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ ملهه پهلوان سيد اياز شاهه بخاري جي گرفتاري خلاف سيد نواز شاهه ڀاڏائي جي اوطاق تي گڏجاڻي
127 views
|
22nd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملھ پھلوان اياز شاھ جي آزادي ۽ ڪوڙي ڪيس جي خاتمي تائين مرحلي وار جدوجھد ڪئي ويندي،: گڏجاڻي ۾ فيصلو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير ورڪس سروسز ۽ جيل خانہ جات حاجي علي حسن زرداري سامھون اليڪشن وڙھندڙ مشھور ملھ پھلوان سيد اياز شاھ بخاري تي ڦر جو ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ ۽ سندس گرفتاري خلاف جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي جي اوطاق تي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن،صحافين،ملھ پھلوانن ۽،اياز شاھ جي وارثن ۽ مختلف راڄ برادرين جي چڱن مڙسن جو مشترڪہ اجلاس ٿيو،جنھن ۾ ملھ پھلوان اياز شاھ تي ڪوڙي ڪيس داخل ٿيڻ جي سخت مذمت ڪندي کيس فوري طور آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،ان موقعي تي عوامي رابطہ ڪائونسل سرور پليجو،قومي عوامي تحريڪ جو شبير ڀٽي،ملھ ايسوسيئيشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري غلام نبي شيدي،عوامي پريس ڪلڀ جو صدر بلاول سمون ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا،اجلاس کان پو جسم اڳواڻ سيد نواز شاھ ڀاڏائي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ ملھ پھلوان سنڌ جي ثقافت جا سفير ۽ امن جا اھڃاڻ آھن،ھن چيو تہ اياز شاھ پھلوان ھڪ شريف، سادو ۽ بھادر ماڻھون آھي، ھن جو ڏوھ اھو آھي تہ ھن علي حسن زرداري سامھون صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي اليڪشن ڪئي ۽ مڙس ٿي ہيٺو رھيو،ھن چيو تہ ٺٽي ضلعي ۾ مني مارشلا لڳائي ويئي آھي،ان موقعي تي ھن اجلاس ۾ ڪيل فيصلن بابت اعلان ڪندي ٻڌايو تہ ملھ پھلوان اياز شاھ جي آزادي ۽ ڪوڙي ڪيس جي خاتمي تائين مرحلي وار جدوجھد ڪئي ويندي، جنھن مطابق 25 ڊسمبر تي غلام اللہ شھر ۾ عام ھڙتال ۽ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو ۽ 27ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو، جڏھن تہ اجلاس کان پو۽ شريڪ ماڻھن ھڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب مڪلي،مڪلي پريس ڪلب، عوامي پريس ڪلب ۽ ٺٽو پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ۽ ڇتي نعريبازي ڪندي ملھ پھلوان اياز شاھ کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جو ذميوار ضلعي چيئرمن حميد پنھنور ۽ علي حسن زارداري کي قرار ڏيندي سندن خلاف بن سخت نعريبازي ڪئي ويئي،۽ چيف جسٽس سنڌ، آئي جي سنڌ، عالمي ادارن ۽ انٽر نيشنل ميڊيا کان مدد طلب ڪندي خدشو ڏيکاريو ويو سنڌ پوليس ڪوڙن مقابلن ۾ بي گناھ ماڻھون ماري رھي آھي ان ڪري اياز شاھ کي بہ ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ مارڻ جو خدشو آھي ان ڪري سندس زندگي بچائڻ لا ترت نوٽيس ورتو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سيد نواز شاهه ڀاڏائي
ٺٽو
ملھ پھلوان اياز شاھ
0 تبصرے