English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڻي روڪي سنڌ کي ڀت سان لڳايو ويو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ۽ مقابلو ڪندو: اياز لطيف پليجو
42 views
|
18th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مستقل رھندڙن جون خوشيون ۽ تڪليفون گڏيل آھن
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ اسين قوم دوستي ۽ وطن دوستيءَ تي يقين رکون ٿا. پنھنجي قوم ۽ مذھب تہ سڀني نہ کي پسند آھي پر انسانيت مٿانهون سمجھڻ وڏو امتحان آھي. سنڌ جي مسقتل رھندڙن جون خوشيون ۽ تڪليفون گڏيل آھن. پاڻي روڪي سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو تہ سنڌ جو ٻچو ٻچو مزاحمت ۽ مقابلو ڪندو. سڄي سنڌ پاڻي لاء جدوجھد جي ميدان تي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي ماڻھن کي جوڙڻ جي ضرورت آھي پر ڪرپٽ حڪمرانن ملڪ کي ورھائي ڇڏيو آھي. بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ جا ماڻھو برابري واري جمھوريت ۽ پنھنجن وسيلن جي مالڪي چاھين ٿا. سنڌ جو ٻھراڙيون گئس، بجلي سميت بنيادي سھولتون کان محروم آھن. سنڌ مان گئس نڪري ٿي پر سنڌ جا اڪثر علائقا انھي سھولت کان محروم رکيا ويا آھن. ٿرپارڪر جا اڪثر علائقا بجلي کان محروم آھن، جتان جي بجلي پنجاب کي فراھم ڪئي وڃي ٿي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ھٿ وٺي منشيات جو ڍير بنايو ويو آھي تہ جيئن سنڌ جو نوجوانن کي منشيات ۾ مبتلا ڪري وسيلن ۽ دولت کي لٽي سگھجي. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني سنڌ جي ماڻھن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين، روزگار ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ھاڻ اقتدار خاطر درياھ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان کي نئين اقتصادي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي. ھيٺيون ۽ پورھيت طبقو پٿر جي دور ۾ جيئڻ تي مجبور آھي. وفاق سنڌ سان بجلي، گئس، ٽيڪسز ۽نہ پاڻي جي سلسلي ۾ زيادتيون بند ڪري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ جو سربراهه
حيدرآباد
اياز لطيف پليجو
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے