English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو رائونڊ ميچ شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت جي نالي سان منسوب
196 views
|
27th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ميچ دوران محترمه شھيد بينظيرڀٽو جي شھادت جي ڪري گرائونڊ ۾ 2 منٽ خاموشي ڪئي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) آل سنڌ اينڊ پاڪستان قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو رائونڊ ميچ شھيد بينظير ڀٽو جي شھادت جي نالي سان منسوب ڪيو ويو، اھڙو اظھار رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب جي سيڪريٽري رسول بخش رحيمداڻي، نامور اسپورٽس مين آرگنائيزر ڊي او تاج محمد خاصخيلي ڪيو ۽ صحافين کي ٻڌايو تہ شھيد محترمه بينظيرڀٽو جي شھادت جي ڏينھن سبب ٽورنامينٽ جو ميچ دختري پاڪستان جي نالي ڪيو آھي، ميچ بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب مورو ۽ ڊفينس ڪراچي ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو، بلوچ ڪرڪيٽ ڪلب مورو پھرئين بيٽنگ ڪندي 25 اوورن ۾ 192 رنسون ٺاھيون جنھن ۾ ظهير علي 76 رنسون، فاتح، نعمان بلاترتيب 32 ۽ 24 رنسون ٺاھي نمايان رھيا، ڊفينس ڪراچي جي طرفان بھترين بالنگ ڪندي فرسٽ ڪلاس بالر عاصم جٽ 4 وڪيٽون ورتيون پاڪستان جي مائناز بالر آف اسپنر عاطف مقبول 3 وڪيٽون ورتيون، ميچ جي دوران محترمه شھيد بينظيرڀٽو جي شھادت جي ڪري گرائونڊ ۾ ٻہ منٽ جي خاموشي ڪئي وئي، جڏھن تہ جواب ۾ بيٽنگ ڪندي ڊفينس ڪراچيءَ ڪرڪيٽ ڪلب ڏنل ٽارگيٽ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو جنھن ۾ علي بيٽنگ ڪندي 81 رنسون ۽ عبدالله فضل 40 رنسون ٺاھي ميچ کٽڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ڊفينس ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي ڪيپٽن پاڪستان قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد سميع صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ عمرڪوٽ ۾ کيڏڻ جو مزو پنھنجو آھي، ھتي جي عوام ڪرڪيٽ کي سمجھي ٿي ۽ ڪرڪيٽ جو شوق ھنن جي دلين ۾ وسي ٿو ھن چيو تہ ٽورنامينٽ کي اسپانسر ڪرڻ ۾ خالد سيف اللہ سراج سومرو سان گڏ بھترين اسپورٽس مين ڪرڪيٽر آرگنائيزر تاج محمد ڊي او، آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي المھراڻ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي سيڪريٽري رسول بخش رحيمداڻي جن ھميشه ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪيو آھي ۽ اسانکي عزت ڏني آھي، جڏھن تہ اڄ ڇنڇر جي ڏينھن 11 بجي ڊفينس ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي ۽ شاھ تاج ڪرڪيٽ ڪلب حيدرآباد جي وچ ۾ ڪواٽر فائينل کيڏيو ويندو، جڏھن تہ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ ميچ دوران 27 ڊسمبر تي محترمه شھيد بينظير ڀٽو کي ھزارين شائقينن خراج تحسين پيش ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ
آل سنڌ اينڊ پاڪستان
0 تبصرے