English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سماجي اداري پيني اپيل طرفان يونيسيف ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سهڪارسان تقريب منعقد
179 views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ سماجي اداري پيني اپيل طرفان يونيسيف ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سهڪارسان ٻھراڙي واري علائقن کي کلي ڪاڪوس کان پاڪ ڪرڻ ۽ هٿن ڌوئڻ جا رواج عام ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پروجيڪٽ مينيجرو حيدر علي جتوئي چيو ته سجاول ضلعي جي ٻھراڙي واري علائقن کي کلي ڪاڪوس کان پاڪ ڪرڻ ۽ هٿن ڌوئڻ جا رواج عام ڪرڻ لاء سکيا ڏئي رهيا آهيون ته جيئن بندري پڻ ۽ غذائي قلت جي بيماري کان بچاءُ ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته کلي ميدان ۾ ڪاڪوس ڪرڻ سان ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺن ٿيون جنهن ۾ ڊائيريا، پوليو، ڪاري سائي ۽ بندري پڻ هجڻ شامل آھن. اسان کي پنهنجي گهراڳيان گندگي پهلائڻ نه گهرجي گهر جي ماحول کي بلڪل صاف سٿرو رکڻ گهرجي، کاڌو کائڻ کان پهرين هٿن کي چڱي طرح صابڻ سان ڌوئڻ ضروري آهي.پيني اپيل ۽ يونيسيف طرفان ڪاڪوس ڪرڻ کي روڪڻ واري عمل جي مُڪمل ٿيڻ تي سجاول ضلع جي 75 ڳوٺن کي اوپن ڊيفيڪيشن فري (ODF) جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. تقريب ۾ پيني اپيل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر عمران ملڪ، پروگرام مينيجر اشفاق احمد، اسسٽنٽ ڪمشنر سجاول وليد ڏاوچ، ڊي اي او سيڪنڊري پيار علي خواجا، ٽي اي او اشرف شاعر، ۽ يو سي سيڪريٽري سليم ميمڻ ان کان علاوهک امداد حسين خواجا، رب ڏنو جت، مجيد عالماڻي، اڪبر ڪوريجو، ۽ ميڊيا نمائندا سليم ملاح، جاني جوگي، ۽ ڪي بي ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرٽيفڪيشن تقريب ۾ ڪميونٽي ميمبرن ۽ سرڪاري اسٽيڪپ هولڊرز کي سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون پيش ڪيون ويون، ۽ انهن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو. تقريب جي اختتام ۾ پروجيڪٽ مينيجر حيدر علي جتوئي سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول
سماجي اداري پيني اپيل
0 تبصرے