English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول: بلڙي شاهه ڪريم مان ڳوٺ لاءِ نڪتل غلام مصطفيٰ سولنگي نوجوان پراسرار نموني گم
45 views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سجاول(رپورٽر)بلڙي شاھ ڪريم مان موٽرسائيڪل تي نڪتل غلام مصطفي سولنگي 20 ڏينھن گذرڻ باوجود ڳوٺ واپس نه پھتو. سندس گھر واري. ڀيڻ ۽ سندس ڀاء سجاول پھچي سورج سجاولي پريس ڪلب تي پھچي پريس ڪانفرنس ڪئي. سندس گھر واري راحيله صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجو مڙس غلام مصطفي سولنگي 5 ڊسمبر تي گھران موٽر سائيڪل تي ڪم سانگي نڪتو هو پر اڄ 20 ڏينھن گذرڻ باوجود گھر واپس ناهي آيو ان چيو ته اهڙي رپورٽ اسان ٿاڻي تي ڏني پر انھن اسان جي ڪابه ڳالھ نه ٻڌي. ان وڌيڪ چيوته اسان جڏهن هن جي موبائل فون جو نمبر چيس ڪرايو ته هن جي لوڪيشن ڇريٽاڻي ٻڌائي وئي اسان سجاول ٿاڻي تي پهتاسين پر انھن به اسان جي ڳالھ تي ڪو ڌيان نه ڏنو. اسان ڪورٽ ۾ 22aداخل ڪرائي ان کان پوء پوليس نامعلوم ماڻھن تي ايف آئي آر داخل ڪئي جنھن جي ڪاپي اسان وٽ موجود آهي. سندس گھر واري چيو ته منھنجي مامن جي اسان سان دشمني ھلندڙ آهي مونکي شڪ آهي ته متان منھنجي مڙس کي انھن اغوا نه ڪرايو هجي. هن آئي جي سنڌ . ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو آهي ته مون کي منھنجو گهروارو واپس ڏياريو وڃي منھنجا ننڍا ٻچا آهن اهي به پريشان آھن. غلام مصطفي سولنگي جي گھر واري راحيله سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ غلام مصطفي سولنگي جي ڀيڻ الهبچائي. ۽ سندس ڀاء عبدالرزاق سولنگي به موجود هئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ذوهيب خان پنهور پاران وڏيري ذوالفقار پنهور سان تعزيت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے