English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا
views
|
30th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
تڪراري ڪئنال سنڌين جي موت جو پروانو آهن، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏينداسين: اڳواڻ
شھدادڪوٽ/ ڪراچي(رپورٽرز وٽان)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر، نياز علي عمراڻي، جاويد جمالي، اصغر جمالي ۽ ٻين جي اڳوآڻي جي ۾ شھدادڪوٽ جي مين چوڪ ڪوٽو موٽو چوڪ تہ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ، فياض اتيرو، ڪاشف خاصخيلي، حسين سنڌي، پير بخش، اياز گُل ڄامڙو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي بلال چورنگي کان مرتضي چوڪ بلال ڪالوني تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھرراھوجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڻي زندگي آهي، 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ ڀڙڀانگ ويران ٿي ويندي سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ڪشمور کان ڪراچي تائين ڪروڙين ماڻھن، پکين ۽ جانورن کي اڃ مارڻ جي سازش ٿي رھي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جي ميدان تي اچن. سنڌ جي سرسبز آباد لکين ايڪڙ زمين کي بنجر بڻائي پنجاب جي 48 لک ايڪڙ غير آباد زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي ۽ زرداري پاڻي تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ منان شيخ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي ھٿ سان تباھ ۽ بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ اڳ ۾ ئي سوڪھڙي جو شڪار آهي وري مٿان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ بنجر ۽ تباھ ٿي ويندي. 6 نون ڪئنالن جو منصوبو سنڌ جي پنج ھزار سالا تھذيب تي حملو آھي سنڌ کي بنجر بنائڻ جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ فياض اتيرو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو ڌريا 7 ڪروڙ سنڌين جو وجود آهي سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي زندگي جو اهم ترين سرچشمو آهي اهو نہ رڳو زرعي پيداوار لاءِ پاڻي فراهم ڪري ٿو پر اسان جي زندگي جو واحد ذريعو آهي 6 نوان ڪئنال ڪڍي اسان جو وجود ختم ڪيو پيو وڃي سنڌو درياءُ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ معني سنڌ جو ساھ ڪڍڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن اسان اڄ نہ اٿياسين تہ هميشه لاءِ پنهنجي ڌرتي تان ختم ٿي وينداسين پنجاب سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي قيد ڪرڻ چاهي ٿو.ريلي ڪاشف خاصخيلي، نيازعلي عمراڻي، جاويد جمالي، حسين سنڌي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
تڪراري ڪئنالن
شھدادڪوٽ
0 تبصرے