English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي خلاف سياسي سماجي تنظيمن جو احتجاج
views
|
12th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهرو فيروز (ڊ ر)نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي خلاف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، خبر موجب نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي، شهر کي نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين نه ڏيڻ، ويزا سسٽم ۽ ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن آل پارٹیز الائینس پاران مختلف تنظيمن پاران احتجاج ڪيو. احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ایم ظفر تگر ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، جسقم اڳواڻ فريد لاشاري، منير وسطڙو، پ پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ خالد چانڊيو، بشارت کوسو، ضمير لنڊ، راجا سولنگي، سيد مدد علي شاه، فقير ميهر علي بهڻ، عتیق الرحمان وسطڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن جنهن سبب نوشهروفيروز جا شهري، معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن پر افسوس انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهروفيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر افسوس اها ڪوڙن ووچرن وسيلي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Aug 2025
•
سندھ
سندھ میں مہنگائی کا سبب کرپشن اور ناقص گورننس ہے، نظام وقیادت کی تبدیلی ناگزیرہے، اسد اللہ بھٹو ایڈوکیٹ
18th Aug 2025
•
سندھ
عہد کریں ،علم کی روشنی کو عام کرینگے، سید امتیاز الحق بخاری
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
مدئجي ڀرسان مبينا مقابلي ۾ هڪ پوليس اهلڪار زخمي
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا پر پاڻ کي بادشاھ سمجھن ٿا: اياز لطيف پليجو
18th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو رٽائرڊ فوجي جوان جو معصوم پٽ سميت احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
0 تبصرے