English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جماعت اسلامي جي اعليٰ سطحي وفد جي اياز لطيف پليجي سان ملاقات، اي پي سي ۾ شرڪت جي دعويٰ
views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ملاقات دوران 12 جنوري تي سکر ۾ رٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت، سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسين محنتي، مولانا وحيد قريشي، حافظ طاھر مجيد، مجاهد چنا جي اڳواڻي ۾ اعلي سطحي وفد سندس رھائشگاھ المصطفي ٽائون قاسم آباد پھچي ملاقات ڪري 12 جنوري تي بدامني ۽ ڌاڙيل خلاف سکر آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آھي. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جا لکين ماڻھو يرغمال آھن. حڪومت جا وزير ڏوھن ۽ منشيات جي سرپرستي ڪري رھيا آھن. گرين انيشيٽو سنڌ کي بنجر ۽ ڀڙڀانگ بنائڻ جو منصوبو آھي. آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌ جي پاڻي ۽ زمينن تي ڌاڙا ھڻائي رھيو آھي. اقتدار لاءِ سنڌ جا وسيلا نيلام ڪيا پيا وڃن. جماعت اسلامي جي سينيئر اڳواڻ مولانا اسدالله ڀٽو چيو تہ ڌاڙيل راڄ جي ڪري ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور آھن. سنڌ حڪومت جي ناڪام ۽ ناقص پاليسين جي ڪري بدامني جي باھ ٻري رھي آھي. اتر سنڌ جي ضلعن ۾ اغوا، ڌاڙن ۽ قتل غارت گيري جي ڪري عوام جو جيئڻ جنجال آھي. سنڌ حڪومت امن بحال نٿي ڪرائي سگھي. جماعت اسلامي امن امان جي صورتحال جي بھتري لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ 12 جنوري تي سکر ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪري رھي آھي، جنھن ۾ سمورين جماعتن کي دعوت ڏني وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بدامني، سنڌو تي ڌاڙن ۽ بيڊگورننس خلاف قومي عوامي تحريڪ جدوجھد جي ميدان تي آھين جماعت اسلامي جي اي پي سي وقتائتو قدم آھن، اي پي سي جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
محمد حسين محنتي
مولانا اسد الله ڀٽو
جماعت اسلامي
قومي عوامي تحريڪ
حيدرآباد
0 تبصرے