English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيو ڪراچي: چيئرمين محمد يوسف، وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ يونين ڪميٽي نمبر 12 سيڪٽر 11-A جو دورو ڪيو
107 views
|
16th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين پاران اجمير نگري چوڪ کان پاور هائوس چورنگي تائين چوڪنگ پوائنٽس جي برساتي نالي جي صفائي ڪرائي وئي
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)نيو ڪراچي ٽائون ۾ برساتي نالو اور فلو ٿيڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي مين روڊ تي ڪاھي پيو. مين روڊ تي پاڻي بيھجي ويو. عوام پريشان. چيئرمين محمد يوسف. وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ يونين ڪميٽي نمبر 12 سيڪٽر 11-A جو دورو ڪيو. ان موقعي تي يونين ڪميٽي نمبر 12 جي چيئرمين عظيم انور، يوسي وائيس چيئرمين، وارڊ ڪائونسلر ۽ يونين ڪميٽي جا ميمبر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد مشتاق خان، ايڪس اين بي اينڊ آر اشفاق حسين، انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير ۽ ٻيا ٽائون آفيسر پڻ موجود هئا. نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين محمد يوسف برساتي نالن جي چوڪ پوائنٽ تي صفائي واري ڪم جو معائنو ڪندي چيو ته سيوريج جو نظام خراب ٿيڻ سبب واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن برساتي نالن ۾ سيوريج جون لائينون وڇائي ڇڏيون آهن، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جنھن سبب برساتي نالن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه نادان ۽ غير ذميوار ماڻهو برساتي نالن ۾ ڪچرو اڇلائي ڇڏيندا آهن، جنھن سان برساتي نالا بند ٿي وڃن ٿا. جنهن سان گندي نالن جو پاڻي روڊن تي اچي وڃي ٿو ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي. هن چيو ته گذريل رات به اجمير نگري کان پاور هائوس چورنگي تائين برساتي نالن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هو، جنهن تي ٽائون انتظاميا فوري ڪارروائي ڪندي نالي کي صاف ڪرايو جماعت اسلامي جا چونڊيل نمائندا عوام کي صاف ۽ شفاف ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن. نيو ڪراچي جو عملو نالي جي صفائي کان پوءِ روڊن کي صاف ڪندو ته جيئن ٽريفڪ جي روانگي بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ان موقعي تي وائيس چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون شعيب بن ظهير چيو ته چيئرمين محمد يوسف جي هدايت تي نيو ڪراچي ٽائون ۾ صفائي سٿرائي سان گڏ بنيادي ميونسپل سهولتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائي رهيا آهيون، اسان وسيلن لاءِ روئڻ بجاء موجود وسيلن سان عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪري رھيا آھيون ۽ انشاءَ الله جلد ئي نيو ڪراچي ٽائون مسئلن کان پاڪ ۽ خوبصورت شهر ۾ شمار ٿيندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
0 تبصرے