English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيو ڪراچي: چيئرمين محمد يوسف، وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ يونين ڪميٽي نمبر 12 سيڪٽر 11-A جو دورو ڪيو
views
|
16th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين پاران اجمير نگري چوڪ کان پاور هائوس چورنگي تائين چوڪنگ پوائنٽس جي برساتي نالي جي صفائي ڪرائي وئي
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)نيو ڪراچي ٽائون ۾ برساتي نالو اور فلو ٿيڻ ڪري گٽرن جو گندو پاڻي مين روڊ تي ڪاھي پيو. مين روڊ تي پاڻي بيھجي ويو. عوام پريشان. چيئرمين محمد يوسف. وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ يونين ڪميٽي نمبر 12 سيڪٽر 11-A جو دورو ڪيو. ان موقعي تي يونين ڪميٽي نمبر 12 جي چيئرمين عظيم انور، يوسي وائيس چيئرمين، وارڊ ڪائونسلر ۽ يونين ڪميٽي جا ميمبر، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سينيٽيشن محمد مشتاق خان، ايڪس اين بي اينڊ آر اشفاق حسين، انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير ۽ ٻيا ٽائون آفيسر پڻ موجود هئا. نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين محمد يوسف برساتي نالن جي چوڪ پوائنٽ تي صفائي واري ڪم جو معائنو ڪندي چيو ته سيوريج جو نظام خراب ٿيڻ سبب واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن برساتي نالن ۾ سيوريج جون لائينون وڇائي ڇڏيون آهن، جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جنھن سبب برساتي نالن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪجهه نادان ۽ غير ذميوار ماڻهو برساتي نالن ۾ ڪچرو اڇلائي ڇڏيندا آهن، جنھن سان برساتي نالا بند ٿي وڃن ٿا. جنهن سان گندي نالن جو پاڻي روڊن تي اچي وڃي ٿو ۽ ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿئي ٿي. هن چيو ته گذريل رات به اجمير نگري کان پاور هائوس چورنگي تائين برساتي نالن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هو، جنهن تي ٽائون انتظاميا فوري ڪارروائي ڪندي نالي کي صاف ڪرايو جماعت اسلامي جا چونڊيل نمائندا عوام کي صاف ۽ شفاف ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا آهن. نيو ڪراچي جو عملو نالي جي صفائي کان پوءِ روڊن کي صاف ڪندو ته جيئن ٽريفڪ جي روانگي بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهي. ان موقعي تي وائيس چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون شعيب بن ظهير چيو ته چيئرمين محمد يوسف جي هدايت تي نيو ڪراچي ٽائون ۾ صفائي سٿرائي سان گڏ بنيادي ميونسپل سهولتن جي فراهمي کي ممڪن بڻائي رهيا آهيون، اسان وسيلن لاءِ روئڻ بجاء موجود وسيلن سان عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪري رھيا آھيون ۽ انشاءَ الله جلد ئي نيو ڪراچي ٽائون مسئلن کان پاڪ ۽ خوبصورت شهر ۾ شمار ٿيندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
0 تبصرے