English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ڀرسان ھانُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، 4گهرڀاتين سميت 5 ڄڻا اجل جو شڪار
74 views
|
14th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو روڊ تي ڪلٽس ڪار ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر، معصوم ٻارڙن سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ڀرسان ھانُ ڏاريندڙ روڊ حادثو، ھڪئي گھر جي 4 ڀاتين سميت 5 ڄڻا فوت، گھر ۾ قھرام متل، سوڳوار ماحول ڇائينل. خبر موجب عمرڪوٽ سامارو روڊ تي سونپور اسٽاپ لڳ ھان ڏاريندڙ روڊ حادثو پيش آيو آھي جتي ڪلٽس ڪار ۽ مزدا وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ عمرڪوٽ شھر جي چنديرام پاڙو جي رھواسي منگھارام مالھي جو نوجوان پٽ ڪيلاش مالھي سندس ڀاڄائي جنتا زال سروڻ مالھي، 4 سالا ڪارتيڪ پٽ سروڻ مالھي، 6 سالا مھاوير پٽ سروڻ مالھي ۽ ڊرائيور پرشوتم اوڏ تڏي تي فوت ٿي ويا جڏھن ته معصوم ٻارڙو وويڪ پٽ ڪيلاش مالھي زخمي ٿي پيو جڏھن ته حادثي جي اطلاع تي پوليس ۽ مقامي ماڻھن زخمين ۽ فوتين کي سول اسپتال آندو جتي ايمرجنسي لاڳو ڪئي ويئي ۽ اطلاع ملڻ تي سوين شھري پڻ سول اسپتال پُھچي ويا جتي فوتين ج لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏھن ته زخمي ٻارڙي کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو
ھوڏانھن فوتين جا لاش گھر پُھچڻ تي روڄ راڙو قھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ پڻ 5 ڄڻا فوت ٿيڻ تي سوڳوار ماحول ڇائينجي ويو ھو ۽ ھر اک آلي ھئي
عمرڪوٽ:حادثي ۾ فوت ٿي ويل جنتا زال سروڻ مالھي پنھنجي والدين وٽ سامارو ويل ھئي ته سندس ڏير ڪيلاش مالھي سان گڏ عمرڪوٽ اچي رھيا ھئا ته حادثو پيش آيو فوتي ڪيلاش مالھي جي 2 سال اڳ ۾ شادي ٿي ھئي
عمرڪوٽ:روڊ حادثي سبب ڪلٽس ڪار مڪمل طور تي تباھ ٿي ويئي پيش آيل ڏکويندڙ حادثي جو رات دير تائين ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو ھو جڏھن ته حادثي جو ڪارڻ مزدا جو ڊرائيور فرار ٿي ويو ۽ حد جي تعلقه پوليس مزدا گاڏي کي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اجل جو شڪار
عمرڪوٽ
0 تبصرے