English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت ملير پاران سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي سالگرھ تقريب
views
|
26th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سالگرهه تقريب دوران مشاعرو به منعقد، سياسي سماجي صحافتي شخصيتن جي شرڪت، استاد بخاري کي ڀيٽا پيش
ملير (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت ملير پاران سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي سالگرھ تقريب، مشاعرو، سياسي سماجي صحافتي شخصيتن جي شرڪت، زبردست ڀيٽا،استاد بخاري پنھنجي شاعري زريعي نه صرف سنڌ جي ماڻھن جي دردن جي ترجماني ڪئي پر انقلابي شاعري وسيلي قومي سجاڳي پڻ پيدا ڪئي، نوجوانن کي سندس شاعري مان لاڀ حاصل ڪرڻ گھرجي اڳواڻن جو خطاب تفصيل موجب، سنڌ جي نامياري شاعر استاد بخاري جي 95 ھين سالگرھ تقريب سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ملير جي سياسي سماجي صحافتي شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت جنھن ۾ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي س ا س ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير، مجيب بگٽي، سامي ميمڻ، اصغر مهرائي، اشفاق چنڙ، اصغر باغي، رستم لڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ استاد بخاري جي شاعري ۾ سنڌ جي ماڻھن جو درد بيان ٿيل آھي ۽ استاد بخاري شاعري وسيلي سنڌ جي ماڻھن جي حقيقي دردن، اھنجن جي ترجماني ڪندي قومي سجاڳي پيدا ڪئي آھي استاد بخاري جي شاعري جي سٽ سٽ سرهي ۽ لفظ لفظ لطافت جي لهجي ۾ لاجواب آهي سندس شاعريءَ کي پوري سنڌ جي ڳوٺن، جر جھنگ، شهر شهر ۾ پنهنجي جادوئي آواز ۽ انداز ۾ عام ڪري ڇڏيو ھنن چيو تہ استاد بخاريءَ جي شاعري سنڌ جي هر ڳوٺ ڳليءَ، واهڻ وستيءَ ۽ هر شهر ۾ ڳائي،ٻُڌي ۽ پڙهي وڃي ٿي سنڌ جي نوجوان کي استاد جي شاعري مان لاڀ حاصل ڪرڻ گھرجي ان موقعي تي ڪيڪ ڪاٽڻ بعد مشاعرو پڻ ڪيو ويو جنهن ۾ سيد غفور شاھ تقوي، قمبر ٻُٽ، سڪندر سرواڻ، امتياز دانش، مجيب سنڌي، سيد سجاد علي شاھ، جبار غريب، امداد لاشاري، جمشيد زهراڻي، شبير لاکو، علي نواز لنجواڻي، خالق ڀٽي ۽ ٻين پنهنجون تخليقون ٻڌائي واھ واھ ڪرائي ڇڏي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌي ادبي سنگت
ملير
0 تبصرے