English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص شهزاد شيخ جي صدارت هيٺ گڏجاڻي
views
|
28th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ لاءِ مليل درخواستن جي مڪمل جاچ ڪرڻ کان بعد صحافين جون درخواستون موڪليون وڃن: شهزاد شيخ
ميرپورخاص (بيورو) ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص شهزاد شيخ جي صدارت هيٺ ڊويزنل ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ اسڪروٽني ڪميٽي جي گڏجاڻي اڄ سندس آفيس ۾ منعقد ٿي ، جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ٿرپارڪر سليم احمد جتوئي، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن ميرپورخاص غلام رضا کوسو ضلعي انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ محمد اسلم ڀٽي ۽ آفيس اسسٽنٽ عرفان احمد شيخ شرڪت ڪئي. ڊائريڪٽر انفارميشن شهزاد شيخ ضلعي انفارميشن آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ لاءِ مليل درخواستن جي مڪمل جاچ ڪرڻ کان بعد انهن صحافين جون درخواستون موڪليون وڃن. ڊويزنل ڊائريڪٽر ميرپورخاص شهزاد شيخ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ايڪريڊيشن ڪارڊ صرف پروفيشنل ۽ حقيقي صحافين کي جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته اطلاعات کاتي جي ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ بابت نئين پاليسي تحت اهڙيون اخبارون جيڪي صرف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي موجود آهن. نمائندن، ويب چينلن جي نمائندن ۽ ڪنهن سرڪاري ملازم کي جيڪو پڻ صحافي طور ڪم ڪري ٿو، کي ڪارڊ جاري نه ڪيا ويندا ۽ صرف رجسٽرڊ اخبارن ۽ ٽي وي چينلن جي نمائندن کي سندن لاڳاپيل ادارن طرفان درخواست فارم تي تصديق ٿيڻ بعد ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ صرف ميڊيا آرگنائيزيشن جي هڪ نمائندي ضلعي رپورٽر کي جاري ڪيو ويندو ، جڏهن ته پروفيشنل جرنلزم ۾ ٻن سالن جو تجربو رکندڙ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ لاءِ درخواست فارم جمع ڪرائڻ جا اهل هوندا. گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 30 اپريل 2025 کان پوءِ ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ درخواستون وصول نه ڪيون وينديون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن
0 تبصرے