English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ويجھو ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 20 کان وڌيڪ زخمي
170 views
|
29th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ڍنڍ وٽ ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي کاھي ۾ ڪري پئي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ويجھو ڳوٺ ڍنڍ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي کاھي ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنھن جي نتيجي ۾ وھان تي ويندڙ ڄاڃين سان ڀريل ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد ٽرالي ھيٺان دٻجي زخمي ٿي پيا آھن، جنھن کي ڪڍڻ لاءِ آس پاس جا ڳوٺاڻا پھتا، جڏهن ته اطلاع تي ايئرپورٽ پوليس جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي سرگرمين ۾ شامل ٿي ويا آهن. ھوڏانھن تعلقه اسپتال ڏوڪري مان ايمبولنسون ۽ ريسڪيو 1122 طرفان واقعي واري هنڌ روانيون ڪيون ويون آھن. ھوڏانھن مليل معلومات موجب ڳوٺ ڍنڍ واسي نوجوان وسيم ڪيريو جي نصيرآباد مان شادي بعد ڄاڃين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي واپس اچي رھي ھئي ته ڳوٺ ڍنڍ ٻاھران حادثي جو شڪار بڻي، جن مان 4 زخمين کي تعلقي اسپتال ڏوڪري پھچايو ويو آهي، جتي زخمن جا سور نه سگھندي فوت ٿي ويا. فوتين ۾ گھوٽ جو ننڍو ڀاءُ 6 سالن جو عبدالله ڪيريو، 50 سالن جي زرينه چنو، سندس پوٽي 12 سالن جي بسمه چنو ۽ 7 سالن جو ماجد ڪيريو شامل آھن. ٻئي طرف ايمبولنس ۽ ريسڪيو 1122 ۽ عام گاڏين ذريعي زخمين کي چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو پيو وڃي، جنھن سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي. ھوڏانھن اسپتال ٻاھران حادثي ۾ فوتين جا وارث روئندا ۽ رڙيون ڪندا رھيا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏوڪري
ڳوٺ ڍنڍ
0 تبصرے