English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ايم پي اي هير سوهو جي سنڌ حڪومت جي ترجمان مقرر ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو سجاول پهچڻ تي آجيان
178 views
|
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو جو قافلو هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ مامون لاڏو چوڪ سجاول پھتو
سجاول (گلشيرميربحر )ايم پي اي هير سوهو جو سنڌ حڪومت جي ترجمان مقرر ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو پنهنجي شهر ميرپور بٺورو ڏانھن ويندي سجاول شھر ۾ پ پ اڳواڻن، ورڪرن، علائقي جي معززين ۽ عوام جي وڏي انگ پاران گلن جي ورکا. سنڌ حڪومت جي ترجمان هير سوهو جو قافلو هڪ وڏي ريلي جي صورت ۾ مامون لاڏو چوڪ سجاول پھتو جتي ترجمان سنڌ حڪومت هير سوهو خطاب ڪندي چيو ته صدر پاڪستان آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، ادي فريال ٽالپر ۽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه جي شڪر گذار آهيان جن عزت ڏني. جيڪا ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي ڏني آهي اها سچائي ايمانداري سان نڀائيندس. هن چيو ته سجاول ضلعو پٺتي پيل ۽ مسئلن ڳڙ بڻيل آهي .هن وڌيڪ چيو ته سموري سنڌ جيان هن ضلعي ۾ پڻ ترقياتي رٿائن جا ڄار وڇائينداسين. پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جنهن هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي. ۽ ڪنڌي رهندي هن چيو ته ضياء ۽ مشرف جي آمراڻي مشڪل ترين دور ۾ پ پ جي ورڪرن، علائقي جيالن ۽ عوام جو جيئڻ جنجال هو، انهن جي قبرن تي وڃڻ لاءِ به ڪير تيار ناهي. پر اڄ به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو ڪردار اڄ به امر آهي ۽ سندن مزارن تي هزارين ماڻهو لڙڪ لاڙي دعائون گهرن ٿا. هن چيوته پيپلز پارٽي قربانيون ڏئي عوام جي دلين ۾ جايون ٺاهيون آهن منهجو جيئڻ مرڻ هتان جي عوام سان آهي کين ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ عوام سان گڏجي هن شهر سميت ضلعي جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ جاري رهنديون. ۽ محمد علي ملڪاڻي، ريحانه لغاري، دانش ملڪاڻي سميت سمورن ورڪرن ۽ جيالن جو ٽيم ورڪ مثالي آهي. هن چيو ته جئي ڀٽو جو نعرو لڳندو رهندو پ پ جو جهنڊو جهولندو رهندو، عوام سان گڏ آهيون گڏ رهنداسين
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايم پي اي هير سوهو
سنڌ حڪومت
0 تبصرے