English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: سنڌياڻي تحريڪ جو جوڳي ھائوس گلشن حديد تي اجلاس
23 views
|
21st Jan 2025
•
سنڌي خبرون
اجلاس جي صدارت سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر ناھيد جوڳي ڪئي
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ جو اجلاس جوڳي ھائوس گلشن حديد ڪراچي ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ناھيد جوڳي جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا جڏهن تہ سنڌياڻي تحريڪ ( ڪيو اي ٽي) ڪراچي ڊويزن لاءِ آرگنائيزر ياسمين چانڊيو جنرل سيڪريٽري راحيلا لاڙڪ ۽ ميمبر ناهيد جوڳي، پرھ امر مگسي، شهربانو راهوجو ۽ فريده ديدار کوسي کي 4 مينهن لاءِ چونڊيو ويو. ڪراچي ڊويزن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي تنظيم سازي ڪري ڪراچي ۾ جشن لطيف ۽ سنڌياڻي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جو ڪنوينشن ڪيو ويندو. ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر ناھيد جوڳي چيو تہ پيپلزپارٽي کي نہ سنڌين سان پيار آهي نہ سنڌين کان خوف کان آھي ھي سنڌي ماڻهن کي پنھنجو غلام سمجھن ٿا ھي صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء سنڌ دوستي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائين ٿا. ناھيد جوڳي چيو تہ سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سنڌ کي ھٿ سان تباھ ڪرڻ ۽ سنڌ کي بنجر ڪرڻ جي سازش آھي، سنڌ اڳ ۾ ئي سوڪھڙي جو شڪار آهي وري مٿان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍي پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا 7 ڪروڙ سنڌين کي اڃيو ۽ بکيو ڪري مارڻ چاھين ٿا. سنڌو درياھ تي لڳندڙ ڌاڙي کي لکين سنڌياڻيون پنهنجي پر امن جدوجھد ذريعي ناڪام بڻائينديون. سنڌياڻي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي آرگنائيزر ياسمين چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌياڻي تحريڪ سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف ھر دور ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي. سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجھدن ڪيون آهن سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ لکين سنڌياڻين پر امن جدوجھد ذريعي شانداري تاريخي ڪردار ادا ڪنديون. سنڌ جون نياڻيون سنڌو درياھ خلاف ڪا بہ سازش قبول نہ ڪنديون. سنڌياڻي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري راحيلا لاڙ خطاب ڪندي چيو تہ پيپلز پارٽي ۽ زرداري ٽولو سنڌو درياھ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪري سنڌي ماڻھن کي مارڻ چاھين ٿا. پاڻي زندگي آھي. سنڌو درياھ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر بنائڻ واري سازش سنڌ جون بھادر نياڻيون برداشت نہ ڪنديون. پاڻي لاء جدوجھد زندگي ۽ بقا جي جدوجهد آهي آصف علي زرداري،پيپلزپارٽي۽ پنجاب سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام کي پاڻي لاءِ تڙپائي مارڻ چاھين ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ جانورن کي مخلتف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳائي وئي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس پاران هڪ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ڪينٽ ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت، هڪ سخت زخمي
16th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مختيارڪار ڏوڪري طرفان ايڪسائيز پوليس سان گڏ ڊيوٽي فري سگريٽ وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي
سنڌياڻي تحريڪ
گلشن حديد
0 تبصرے