English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ صحافي تي تشدد ڪرڻ تان معطل ٿيل ايس آءِ اصغر ابڙو ٻيهر بحال، صحافين ۾ تاءُ پکڙيل
88 views
|
03rd Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي ايس پي ارشاد گبول انڪوائري ۾ اصغر ابڙو کي بحال ڪري ڇڏيو، صحافين پاران انصاف نه ٿيڻ تي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ صحافي تي تشدد ۾ ملوث معطل پوليس آفيسر اصغر ابڙو بحال، قلم ڌڻين پاران ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير جي آفيس اڳيان احتجاج اعلان، تفصيل موجب: ملير ۾ مهينو اڳ صحافي شهزادو مستوئي کي شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي اڳيان رپورٽنگ دوران انويسٽيگيشن جي سب انسپيڪٽر اصغر ابڙو تشدد جو نشانو بڻائي کيس ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو اطلاع تي صحافي وڏي انگ ۾ شاه لطيف ٿاڻي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو هو صحافين جي احتجاج جو ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير سليم شاهه نوٽس وٺندي کيس معطل ڪري ضلعي بدر ڪرڻ جي خاطري بعد ڊي ايس پي ارشاد گبول کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو هو پر هڪ مهينو گذرڻ باوجود واقعي جي ڪابه انڪوائري نه ٿي سگهي. ان بعد ڊي ايس پي ارشاد گبول پنهنجي پٽي ڀائي کي انڪوائري مان آجو قرار ڏئي کيس بحال ڪري ڇڏيو پوليس جي اهڙي عمل خلاف صحافين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر، سينيئر صحافي وحيد مراد سيال، ربنواز مستوئي افتخار علي نوري، نواز سرگاڻي، نعت ﷲ مغيري، مشتاق گبول، سليمان شاهه، ٻين جو چوڻ هو ته اسان کي انڪوائري جي آسري ۾ رکي معطل ڪيل اصغر ابڙي کي بحال ڪري صحافين سان سراسر زيادتي ڪئي وئي آهي هنن چيو ته تشدد ۾ ملوث سب انسپيڪٽر اصغر ابڙي کي فوري طور تي معطل ڪري سٺي ساک رکندڙ پوليس آفيسر کان انڪوائري ڪرائي صحافي شهزادو مستوئي سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻڻ تي مجبور ٿي پونداسين،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
0 تبصرے