English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: نور محمد ڳوٺ تي چڙھائي جو سلسلو جاري، پوليس اٽالا به پهتا، رهواسين جي مزاحمت
78 views
|
30th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
مختلف ٿاڻن جي پوليس اينٽي انڪروچمينٽ عملو ڳوٺ ڊاهڻ لاءِ پهتو ته رهواسي مشينري آڏو سينا تاڻي بيهي رهيا
ڪراچي (اعجاز چانڊيو)ڪراچي. اسڪيم 33 نور محمد ڳوٺ تي بلڊر مافيا جي چوڻ تي ھڪ ڀيرو ٻيھر اوڀر پوليس مختلف ٿاڻن جي نفري ۽ ڳري مشينري ساڻ ڪري اسٽنٽ ڪمشنر انور پنھور. ايس پي سھراب ڳوٺ شوڪت شاھاڻي. ڊي ايس پي سھراب ڳوٺ چوڌري سھيل فيض. اينٽي انڪروچمينٽ. ايس ايڇ او احمد علي جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي ڳوٺاڻان سراپا احتجاج بڻجي ويا. ڳوٺاڻن پ. پ. پ جي مقامي اڳواڻ نور خان برفت. صفدر علي ابڙو. رئيس ديدار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين مرد توڙي عورتن پر امن احتجاج ڪري سخت نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي نور خان برفت. صفدر علي ابڙو. ديدار چانڊيو چيو ته اسان جو ڳوٺ قديمي آھي. اسان ڪنھن به صورت ۾ ڳوٺ ڊاھڻ نه ڏينداسين. ھنن چيو ته اسان عدالت کي درخواست ڏني جنھن بعد 29 جنوري تي عدالت سڀني سينئير ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪندي پاپند ڪيو ته 6 فيبروري تائين ڪير به ڳوٺ خلاف ڪاروائي نه ڪندو پر ان جي ابتڙ پوليس اينٽي انڪروچمينٽ وارن ھٺ ڌرمي ڪري ٻيھر چڙھائي ڪري ماڻھن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان ان خلاف عدالت وينداسين. ھنن الزام مڙھيندي چيو ته پوليس علي ڳڙھ بلڊر کان ڳري رشوت وٺي ڪاروائي جي ڪوشش ڪئي. مشينري رات کان وٺي بيھاري ڇڏي ته صبح فجر مھل ڳوٺ پٽ ڪري ڇڏينداسين اسان ھميشه پر امن احتجاج ڪيو ان جي باوجود اسان جي مٿان دھشتگردي جون ايف آئي آرون ڪٽيون ويون سندن چوڻ ھو ته ٻه ڏينھن اڳ جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان ڪريم جي ڊبل بينچ ۾ اسان جي قانوني پٽيشن داخل ٿي. پوليس کي اڄ ڪاروائي نه ڪرڻ کپي ھا. عدالت پوليس نوٽيس جاري ڪيا جيڪا اسان ھنن ڏانھن موڪلي ڇڏيا. پر پوليس چڙھائي ڪري ڳوٺ ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ عورتون ٻار نوجوان توڙي بزرگ وڏي تعداد ۾ ٻاھر نڪري آيا پوليس عوامي مزاحمت ڏسي واپس ٿي رت جي آخري ڦڙي تائين وڙھنداسين ڪنھن به صورت ۾ ڳوٺ کي ڪيرائڻ نه ڏينداسين. اسان جو ھڪڙو ئي نعرو آھي مرسون مرسون ڳوٺ نه ڏيسون. ھنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان. سنڌ ھاء ڪورٽ. سنڌ جي وڏي وزير. پيپلزپارٽي جي قيادت کي اپيل ڪئي ته سنڌي ڳوٺن کي ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ پڪو ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
پاکستان
جموں و کشمیر یونائیٹڈ فورم کی نئی کابینہ کا اعلان، شفیق بٹ چیئرمین، کاشف اقبال سیکرٹری جنرل مقرر
04th Feb 2026
•
پاکستان
اسلام آباد: گوجر خان شہر کے خوش اسلوب اور تازہ کار غزل گو شاعر عاصم ندیم کا مجموعہ غزلیات'' نم یاب '' شائع ہوگیا
03rd Feb 2026
•
Jobs
هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪريون
04th Feb 2026
•
تازہ ترین
چوٹیاریوں واقعہ: ملزم نے جنسی زیادتی کی اور چہرے پر بلیڈ سے زخم لگائے۔متاثرہ لڑکی کا دفعہ 164 کے تحت بیان
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
اڏيرو لال اسٽيشن ۾ 5ٻارڙن جي ماءُ مڙس هٿان گوليون هڻي قتل
04th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ميمڻ ڳوٺ: نجي اسپتال ۾ ويم دوران عورت ۽ تازو ڄاول ٻار فوت
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪراچي
نور محمد ڳوٺ
0 تبصرے