English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڄي ملڪ وانگر نوشهروفيروز ۾ به ڪشميرين سان ٻڌي ۽ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو
30 views
|
05th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ڪشمير پاڪستان جي شہ رگ آهي ۽ ڪا به قوم پنهنجي شہ رگ دشمن جي هٿ ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي: اڳواڻ
نوشهروفيروز (ڊ ر) سڄي ملڪ وانگر نوشهروفيروز ۾ به ڪشميرين سان ٻڌي ۽ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لياقت علي لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس کان مين روڊ تائين ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۾ ضلعي جي مختلف سرڪاري کاتن، سوشل ويلفيئر، پوليس، تعليم، روينيو، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ريلي جي آخر ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شہ رگ آهي ۽ ڪا به قوم پنهنجي شہ رگ دشمن جي هٿ ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڀارتي فوج ظلم ۽ بربريت سان ڪشميري عوام جا حق غصب نٿي ڪري سگهي ۽ پاڪستاني عوام هر فورم تي پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو ۽ اسان گڏيل قومن کي اپيل ڪريون ٿا ته هو ڪشميري عوام کي آزادي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن ڪشميرين کي آزادي جو حق ملندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
هنگورجا حادثے میں جاں بحق تین نوجوانوں کی نمازِ جنازہ ادا، علاقہ سوگوار
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
تازہ ترین
شہید محترمہ بینظیر بھٹو کی 18ویں برسی کے سلسلے میں پاکستان پیپلز پارٹی تحصیل باقرانی کی ایگزیکٹو کمیٹی کا اجلاس
16th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی فائرنگ کیس: حملہ آور ساجد اکرم 1998 میں بھارت سے آسٹریلیا منتقل ہوا، بھارتی میڈیا
18th Dec 2025
•
تازہ ترین
هنگورجا حادثے میں جاں بحق تین نوجوانوں کی نمازِ جنازہ ادا، علاقہ سوگوار
17th Dec 2025
•
سندھ
سجاول ۾ نافرمان پٽ خلاف پيرسن پيءُ جو احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ميهڙ واسي جو پٽ سميت ڀاءُ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج
17th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ٽائون جي ڳوٺن ۾ گندگي ۽ گٽرن جي پاڻي جو آزار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
ڪشمير پاڪستان
0 تبصرے