English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ قومي محاذ جو سکر مان نڪتل قافلو گلشن حديد کان ملير پهچي ويو
245 views
|
21st Feb 2025
•
سنڌي خبرون
اسلم خيرپوري ۽ قافلي ۾ موجود ٻين اڳواڻن جي وک وک تي سياسي سماجي ڌرين ۽ ڳوٺاڻن پاران آجيان
ملير (رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) طرفان سنڌو درياهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف سکر کان ڪراچي پهتل قافلو جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، اشرف بھليم، اسد سنڌ يار، فتح چنا، ڪرن نظاماڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد مان ملير پندرهن پهچي ويو، وک وک تي سياسي سماجي ڌرين ئ ڳوٺاڻن طرفان آجيان،اڄ قافلو ڪراچي پريس ڪلب پهچندو، سنڌ جي سڏ تي سکر کان قافلو وٺي ڪراچي پهتا آهيون 23 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو آواز بلند ڪنداسين اسلم خيرپوري تفصيل موجب جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) طرفان سنڌو درياهه نوان ڪئنال ڪڍڻ، سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ ۽ سنڌ جي وسلين جي ڦرلٽ خلاف سکر کان ڪراچي پهتل قافلو جمع ڏينهن جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، اشرف بھليم، اسد سنڌ يار، فتح چنا، ڪرن نظاماڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گلشن حديد مان ملير پندرهن پهتو ان کان اڳ قافلو جي اسٽيل مل موڙ، نشتراباد،رزاق آباد ،ڀينس ڪالوني، قائد آباد ۽ ملير ڪورٽ وٽ وک وک تي جيئي سنڌ محاذ، ايس يو پي، جسقم، ملير بارايسو ايسوسي ايشن سميت مختلف سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن وهاب گبول، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي فيض هيسباڻي، بدر باغي، جونيئر روپلو، ڪلثوم، ڪائنات، الهي بخش بڪڪ، اشرف سمون ۽ ٻين آجيان ڪئي آجياڻن کي خطاب ڪندي جسقم جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ جي سڏ تي سکر کان قافلو وٺي ڪراچي پهتا آهيون 23 فيبروري تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو آواز بلند ڪنداسين هن چيو ته سڄي سنڌ جي عوام کي اسان جو سڏ ورنائڻ گھرجي، ڪئنالن وارو منصوبو ڪالا باغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي، اگر ڪئنال ٺھي ويا ته انساني آبادي ته ھڪ طرف پر سموري جيوت، زراعت، درياهه، وڻ ٽڻ، تباھ ٿي ويندا، ھن چيو ته پنجاب هوڏ ڪري سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ ڏانهن اچڻ کان روڪي پنهنجي ڪتب آڻڻ لاءِ ڪئنال ٺاھي رھيو آھي، سنڌو اسان جو جياپو آھي، سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب کاروڇاڻ ۽ ڀرپاسي جي لکين ايڪڙ زمين اڳيئي ذراعت لائق نه رهي آهي جر کارو ٿي ويو آهي ڪئنال ٺهڻ کان پوءِ رهيل زمين به زمين به تباھ ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي، ھن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جو منصوبو آھي اسان سنڌو جا وارث آھيون، پنھنجا وسيلا بچائڻ لاءَ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين، ھن سنڌي ماڻھن کي سڏ ڏيندي چيو ته پٽڪي کي ور ڏيئي ميدان تي نڪري پئو، اسان کي سنڌين جي مرضي کانسواءِ ڪوبه فيصلو منظور ناھي، ھن ڪراچي ۾ رھندڙ سنڌين کي اپيل ڪئي ته 23 فيبروري تي سنڌو درياهه ۽ سنڌ جا وسيلا بچائڻ لاء ڪراچي پريس ڪلب پھچي اتحاد ۽ ٻڌي جو ثبوت ڏيو پيادل قافلو رات ملير ۾ رھي اڄ صبح جو ڪراچي پريس ڪلب پهچندو جتي عام جلسو ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ قومي محاذ
0 تبصرے