English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز: اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي هٿڪڙيون هڻي اي ٽي سي ۾ پيش، جيل ڀيڙو
282 views
|
18th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
غلام مرتضيٰ جتوئي خلاف باڊهه ۽ ڏوڪري ٿاڻن تي وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر ڪيا ويا
نوشهروفيروز(ڊر )اڳوڻي وفاقي وزير، اين پ پ سربراهه غلام مرتضي جتوئي کي نوابشاهه جي بي سيڪشن ٿاڻي مان بڪتر بند گاڏي ۾ هٿڪڙيون هڻي نوشهروفيروز ۾ قائم دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عوام مرتضي جتوئي جي عدالت ۾ پيشي کان اڳ نوشهروفيروز ۽ نوابشاهه ضلعن جي وڏي پوليس نفري عدالت ٻاهران مقرر ڪئي وئي هئي جڏهن ته سوين ڪارڪن پڻ عدالت ٻاهران پهچي ويا. دهشتگردي جي انت واري عدالت غلام مرتضي جتوئي جي ضمانت تي فريادي ڌر پاران وقت گهرڻ تي عدالت ٻڌڻي 20 فبروري سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي غلام مرتضي جتوئي کي جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.هوڏانهن غلام مرتضي جتوئي جي خلاف ڏوڪري ۽ باڊهه ۾ پوليس مقابلي ئي ڊيوٽي اٽڪاء جا ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن، پوليس اهڙيون ايف آء آرون پڻ عدالت ۾ پيش ڪيون. هوڏانهن غلام مرتضي جتوئي جي عدالت ۾ حاضري کان اڳ نوشهروفيروز، نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻي پوليس جا وڏا اٽالا عدالت ٻاهران بيٺل رهيا. شهر مان گذرندڙ پڊعيدن روڊ کي پوليس بند ڪري ڇڏيو. عدالت ٻاهران ضلعي جي مختلف شهرن کان اين پ پ جا سوين ڪارڪن پڻ پهتل هئا جيڪي پوليس خلاف نعري بازي ڪري رهيا هئا. هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ غلام مرتضي جتوئي جي ننڍي ڀاء مسرور خان جتوئي چيو ته هاء ڪورٽ جو حڪم آهي ته غلام مرتضي ۽ سندس خاندان خلاف ڪابه ايف آء آر داخل ڪرڻ اڳ عدالت کان اجازت وٺڻ گهرجي پر هتي پوليس وٽ ڪوبه قانون ڪونهي. هن چيو ته پوليس هاء ڪورٽ جي حڪمن کي نظرانداز ڪندا غلام مرتضي جتوئي خلاف وڌيڪ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن جن خلاف عدالت جو در کڙڪائيداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي وارن جيڪي به قانون جا ڪتاب آهن انهن کي هڪ ئي ٽيبل تي رکي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، هتي ڪوبه قانون ڪونهي، پر ان جي باوجود اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي جنهن ڪري عدالتن سان رجوع ڪيون ٿا، سرڪار جون انتقامي ڪارروايون اسان کي جهڪائي نه ٿيون سگهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
غلام مرتضيٰ جتوئي
GDA
Murtza jatoi
0 تبصرے