English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ مها شِوَ راتڙيءَ جو ٻن ڏهاڙن وارو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان شروع
views
|
26th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
شو ميلي جو افتتاح درٻار جي گادي نشين سائين رام داس شِو لنگ تي کير ۽ ڦل فروٽ چاڙهي ۽ خصوصي پوڄا پاٽ سان ڪيو
نوشهرو فيروز(ڊر)نوشهرو فيروز ۾ مها شِوَ راتڙيءَ جو ٻن ڏهاڙن وارو ميلو وڏي ڌام ڌوم سان نوشهرو فيروز جي شِو مندر ۽ درٻار صاحب بابا جمناداس اداسين ۾ ملهايو پيو ويو، جنهن ۾ پوري سنڌ کان آيل پريمي وڏي تعداد ۾ شريڪ آھن. شو ميلي جو افتتاح درٻار جي گادي نشين سائين رام داس شِو لنگ تي کير ۽ ڦل فروٽ چاڙهي ۽ خصوصي پوڄا پاٽ سان ڪيو. ان موقعي تي سائين رام داس چيو ته مانگهه جي هن مهيني ۾ شِو پارِوَتِي جي شادي ٿي هئي تنهن ڪري هي رات اسان لاءِ وڏي خوشي واري مهان رات آھي. هن چيو ته شو جو هيءُ ميلو اسان جي ساهتي پرڳڻي ۾ وڏي ڌام ڌوم سان هلندو آھي ۽ عقيدتمند اچي درٻار صاحب تي سيوا ڪندا آھن. هنن راتين ۾ پوڄا ارتي کان پوءِ ڪيرتن ڪيو ويندو آھي ۽ ٻئي ڏينهن تي ورت ڇوڙبو آھي پهرئين رات شو جي هن ميلي ۾ سنڌ جي ناليواري ڀڳت سونو ڪمار ۽ سندس ٽولي ستسنگ ڪيو ۽ ڀڳت مرلي ڌر ستسنگ ۽ پاٺ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبرپختونخوا، کشمیر، گلگت میں ہلاکتیں 400 سے متجاوز، شدید بارشوں کی پیشگوئی
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
لودھراں عوام ایکسپریس کو حادثہ، ایک مسافر جاں بحق، 20 سے زائد زخمی۔
17th Aug 2025
•
تازہ ترین
ڈان نیوز کراچی کے رپورٹر خاور حسین کی لاش سانگھڑ میں گاڑی سے برآمد
17th Aug 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن تي ڌاڙو نامنظور
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
بوزداروڏا ٿاڻي جي حد ڳوٺ صبڙ خان رند واسڻ ناري سان مبينا زيادتي جي ڪوشش
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: ريڙهي ڳوٺ ۾ معصوم ٻارڙو کليل گٽر ۾ ڪِري پيو
17th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي باوجود سنڌ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
مها شِوَ راتڙي
0 تبصرے