English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اليڪشن ۾ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا، ترقياتي ڪمن جي صورت ۾ اهي پورا ڪيا پيا وڃن: نظير احمد ڀٽو
208 views
|
24th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري جي ميونسپل چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران يوسي ريڙهي ۾ مختلف اسڪيمن جو افتتاح
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو يوسي ريڙهي جي مختلف علائقن ۾ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي۔ پيور بلاڪ ۽ سيوريج سميت ٻين مڪمل ٿيندڙ ڏهن اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي رهواسين پاران ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو مٿان گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪري گلن جا هار ۽ اجرڪ پارايا۔ رهواسين پيئڻ جي صاف پاڻي ۔ سيوريج ۽ پيور بلاڪ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جا ٿورا مڃيا . ريڙهي ڳوٺ جي قاسماڻي پاڙي۔ جت پاڙي۔ خاصخيلي پاڙي ۽ ملاح پاڙي جي رهواسين ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو کي سلام پيش ڪندي چيو ته اسان صدين کان هتي آباد آهيون پر اسانجي ڪنهن به مالڪي نه ڪئي ۽ نه ئي اسانکي بنيادي سهولتون ڏنيون ويون۔ ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو جي اچڻ بعد اسانکي پيئڻ جي پاڻي۔ سيوريج ۽ پيور بلاڪ جي سهولت ملي آهي ۔ ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته يوسي ريڙهي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي۔ سيوريج ۔ روڊ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ڏيئي اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي۔ ريڙهي ڳوٺ پاڪستان پپلز پارٽي جو ڳڙھ آهي هتان جي عوام هميشه پپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي۔ اليڪشن وقت عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن کي ترقياتي اسڪيمن ذريعي پورو ڪيو آهي۔ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايات تي محدود وسيلن باوجود عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون۔ آء بلاول ڀٽو جو سفير آهيان۔ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تي هلندي بنا ڪنهن سياسي فرق جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيئي رهيا آهيون اسان تعصب جي سياست ۾ يقين نٿا رکون انسانيت جي خدمت عبادت سمجهي ڪندا آهيون ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي،عوام کي بنيادي سهولتون پهچائڻ لاءِ ماسٽر پلان ترتيب ڏنو آهي، ابراهيم حيدري ٽائون کي ڪراچي جو مثالي ۽ ماڊل ٽائون ٺاهينداسين. ان موقعي تي ٽائون جي وائيس چيئرمين رفيق دائود جت۔ ٽائون آفيسر، علائقي جا معززين ۽ پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
نظير احمد ڀٽو
0 تبصرے