English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اليڪشن ۾ عوام سان جيڪي واعدا ڪيا، ترقياتي ڪمن جي صورت ۾ اهي پورا ڪيا پيا وڃن: نظير احمد ڀٽو
views
|
24th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري جي ميونسپل چيئرمين نظير احمد ڀٽو پاران يوسي ريڙهي ۾ مختلف اسڪيمن جو افتتاح
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ابراهيم حيدري ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو يوسي ريڙهي جي مختلف علائقن ۾ عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي۔ پيور بلاڪ ۽ سيوريج سميت ٻين مڪمل ٿيندڙ ڏهن اسڪيمن جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي رهواسين پاران ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو مٿان گلن جي ورکا ڪري سندس شاندار استقبال ڪري گلن جا هار ۽ اجرڪ پارايا۔ رهواسين پيئڻ جي صاف پاڻي ۔ سيوريج ۽ پيور بلاڪ سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ تي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو جا ٿورا مڃيا . ريڙهي ڳوٺ جي قاسماڻي پاڙي۔ جت پاڙي۔ خاصخيلي پاڙي ۽ ملاح پاڙي جي رهواسين ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو کي سلام پيش ڪندي چيو ته اسان صدين کان هتي آباد آهيون پر اسانجي ڪنهن به مالڪي نه ڪئي ۽ نه ئي اسانکي بنيادي سهولتون ڏنيون ويون۔ ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو جي اچڻ بعد اسانکي پيئڻ جي پاڻي۔ سيوريج ۽ پيور بلاڪ جي سهولت ملي آهي ۔ ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته يوسي ريڙهي جي عوام کي پيئڻ جو پاڻي۔ سيوريج ۔ روڊ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ڏيئي اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي۔ ريڙهي ڳوٺ پاڪستان پپلز پارٽي جو ڳڙھ آهي هتان جي عوام هميشه پپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو آهي۔ اليڪشن وقت عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن کي ترقياتي اسڪيمن ذريعي پورو ڪيو آهي۔ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايات تي محدود وسيلن باوجود عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون۔ آء بلاول ڀٽو جو سفير آهيان۔ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منشور تي هلندي بنا ڪنهن سياسي فرق جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏيئي رهيا آهيون اسان تعصب جي سياست ۾ يقين نٿا رکون انسانيت جي خدمت عبادت سمجهي ڪندا آهيون ٽائون چيئرمين نظير احمد ڀٽو چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي،عوام کي بنيادي سهولتون پهچائڻ لاءِ ماسٽر پلان ترتيب ڏنو آهي، ابراهيم حيدري ٽائون کي ڪراچي جو مثالي ۽ ماڊل ٽائون ٺاهينداسين. ان موقعي تي ٽائون جي وائيس چيئرمين رفيق دائود جت۔ ٽائون آفيسر، علائقي جا معززين ۽ پارٽي اڳواڻ پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
نظير احمد ڀٽو
0 تبصرے