English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ ڌاڙيل سردار ٿا پيدا ڪن، ماڻهو وري انهن سردارن مان اميد ٿا رکن: اياز لطيف پليجو
views
|
24th Feb 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏي حڪمران سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا، عوام کي جاڳڻو پوندو
نصيرآباد(رپورٽر)نصير آباد جي ڳوٺ جاڙا واهوچا ۾ سنڌ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ ڌاڙيل سردار ٿا پيدا ڪن، توهان وري انهن سردارن مان اميد ٿا رکون. جي نوان علمي، سماجي سائنسي ۽ سياسي سوال ذھن ۾ نٿا اڀرن ۽ انھن جا جواب نٿا ڳوليون تہ اسين مدي خارج ٿي وينداسين. سنڌ جي بقا جو واحد رستو وطن دوست، عوام دوست، علم دوست سياست ۾ آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏي حڪمران سنڌ کي تباھ ڪرڻ چاهين ٿا،پ پ وارا ڪئنالن جي منظوري بعد سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين پيا کپائين ڪينالن ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضن خلاف ھي عارضي يا ھڪ ڏينھن جي جدوجهد ناهي مسلسل اڻٿڪ ۽ طويل جدوجھد جاري رکڻي پوندي ۽ سنڌ جي ھر سياسي، سماجي ۽ پروفيشنل تنظيم کي ھڪ ھڪ ضلعي، ھڪ ھڪ شھر ۽ ھڪ ھڪ ڳوٺ کي سجاڳ ڪري ميدان ۾ لاھڻو پوندو. سنڌ جا ايم پي اي، ايم اين ايز ۽ سينٽر زمينن تي والار ۽ ڪينالن خلاف ڇو خاموش آهن. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي سنڌ دشمن منصوبا رد نہ ٿيا تہ ڪراچي کان ڪشمور تائين ھر ڪلو ميٽر تي مزاحمت ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ مان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ ويران ٿي ويندي سنڌ جا ماڻهو صوماليا جي ماڻهن کان بہ بدتر زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويندا. ملڪ جي ترقي جي نالي ۾ سنڌ کي تباھ ۽ برباد نہ ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ جي وھڪري ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارو چولستان ڪئنال سميت ڪو بہ منصوبو قبول ناھي. آصف علي زرداري، نواز ليگ، پيپلزپارٽي، ارسا ۽ واپڊا ھميشہ سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بيابان بنائڻ وارا منصوبا جوڙيا آھن. ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ٿل ڪئنال، چشمه جهلم لنڪ ڪينال ۽ ٻين ڌاڙيل واھن ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪيو پيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جي ڪري سنڌ ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر ٿي وئي آھي. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ملي. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نہ ٿيڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي زير زمين حيدرآباد تائين پھچي ويو آھي۔ زھريلي پاڻي جي ڪري لکين ماڻھو ھيپاٽائيٽس سميت ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. سنڌ جي زرعي معيشت جي تباھي، سنڌو درياھ کي سڪائڻ وارا منصوبا ملڪ دشمن منصوبا آھن، انڪري ملڪ دشمن، درياھ دشمن منصوبا بند ڪيا وڃن. سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي صدر سرتاج چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ جي تاريخ، سڃاڻپ، ثقافت ۽ قدرت طرفان ڏنل تحفو ۽ ست ڪروڙ انسانن جي زندگي آھي ۽ ملڪ جي بقا آھي، سنڌو درياءَ تي ڪنھن بہ قسم جي سازش پاڪستان جي 27 ڪروڙ عوام خلاف سازش آھي،سنڌو درياھ کي ختم ڪرڻ لاء ڪو بہ ڪئنال قبول نہ ڪيو ويندو. پرامن جدوجھد ذريعي لکين عوام سان گڏجي مزاحمت ڪئي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر سعيد ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمين جو سودو ڪري اقتدار ورتو آھي اٽي، لٽي ۽ اجھي جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌين سان دوکو ڪيو ويو آھي سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ڪرپشن ۽ اقتدار لاءِ آصف زرداري ايوان صدر ۾ ويھي سنڌ تي حملي آور آھي اتر سنڌ ڌاڙيلن حوالي آھي،وزير منشيات ۽ ڏوھارين جا سرپرست آھن ميرٽ تباھ ڪري نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪيون پيون ڪرپشن ڪري سنڌ جو پئسو ٻاھر منتقل ڪيو پيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نصيرآباد
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے