English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي مين اسڪول ٽنڊوآدم جي شاگردن ۽ استادن پاران احتجاج
39 views
|
10th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌي مين اسڪول ٽنڊوآدم جي شاگردن ۽ استادن پاران شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. خبر موجب گورنمنٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول ٽنڊوآدم جي هيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي، ٻين استادن ۽ شاگردن پاران صبح جو اسيمبلي کان ئي سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهري جي شروعات ڪئي وئي. ان موقعي تي "سنڌو تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. ان موقعي تي هيڊ ماستر لکاڏنو خاصخيلي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ واسين لاءِ حياتي جو سرچشمو آهي جنهن مان وڌيڪ ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جون سرسبز زمينون بنجر بڻجي وينديون، جنهن سان زراعت کي وڏو نقصان رسندو. احتجاج ڪندڙن چيو ته اڳ ئي سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب 40 ضلعن ۾ ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي چڪي آهي. جيڪڏهن وڌيڪ ڪئنال ڪڍيا ويا ته سنڌ جي زمينن کي بنجر بڻائڻ جي سازش مڪمل ٿي پوندي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو فوري طور تي بند ڪيو وڃي ته جئين سنڌ جو زرعي مستقبل محفوظ رهي سگهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌو درياهه
ٽنڊوآدم
0 تبصرے