English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ جي تقريب منعقد
views
|
18th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم اين اي اياز علي شاهه ۽ ٻيا شريڪ
سجاول (گلشيرميربحر) سنڌ حڪومت پاران سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ تحت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مستفيد مستحقين ۾ سولر هوم سسٽم ورهائڻ جي تقريب شايان بينڪوئٽ سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي خاص مهمان صوبائي وزير لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز محمد علي ملڪاڻي پ پ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوام جي خدمت ۾ اڳڀري رهي آهي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪم تي سنڌ حڪومت سجاول ضلعي ۾ مستحق عورتن کي سولر هوم سسٽم فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته جون تائين ضلعي ۾ 6000 کان وڌيڪ ماڻهو هن سهولت مان فائدو حاصل ڪندا. هن چيو ته جون کان پوءِ سنڌ حڪومت سڄي سنڌ ۾ گهرن کي سولرائيز ڪندي جڏهن ته ننڍن ڪاروباري ماڻھن کي سهولتون پڻ فراهم ڪندي. هن چيو ته دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو منصوبو جنهن تحت سنڌ حڪومت پوري سنڌ ۾ 20 لک گهر ٺاهي رهي آهي، جڏهن ته سجاول ضلعي ۾ 52 هزار گهر ٺاهيا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي نه رڳو اعلان ڪيا آهن پر عوام جي عملي خدمت به ڪئي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر زاهد حسين رند چيو ته هن اسڪيم تحت سنڌ حڪومت غريب ۽ مستحق ماڻهن جن کي بجلي تائين رسائي ناهي انھن کي بنا ڪنهن فرق جي سولر سسٽم جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته هي اسڪيم سجاول ضلعي جي 6000 کان وڌيڪ خاندانن لاءِ آهي جنھن تحت 6000 رپيا چالان جي صورت ۾ جمع ڪرائڻا پوندا ۽ سامان انهن جي حوالي ڪيو ويندو. بعد ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سجاول ۾ آئي بي اي پاس اميدوارن ۾ تقرري جا آرڊر ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي چيو ته پيپلز پارٽي هميشه غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڳالھ ڪئي آهي ۽ کين روزگار فراهم ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جو منشور ئي روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان آهي. هنن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والدہ شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن تي عمل ڪري رهيو آهي، اسان کي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻو آهي. هنن چيو ته اهو ڪريڊٽ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي وڃي ٿو ته تعليم کاتي ۾ نوجوانن کي 70 هزار کان وڌيڪ نوڪريون بغير ڪنهن سفارش جي صرف ميرٽ جي بنياد تي ڏنيون ويون آهن. هنن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت ميرٽ کي ترجيح ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته جيئن محنتي ۽ اهل نوجوان نوڪريون حاصل ڪري سگهن. هنن يقين ڏياريو ته عيد کان پوءِ گريڊ هڪ کان چوٿين تائين نوڪرين جا آرڊر جاري ڪيا ويندا. ھنن چيو ته سنڌ حڪومت آءِ بي اي سکر جي سهڪار سان هڪ پورٽل قائم ڪيو آهي، ھتان جا تعليم يافته بيروزگار نوجوان پنجين کان 15 هين گريڊ تائين نوڪرين لاءِ درخواستون ضرور ڏين ته جيئن اهي ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪري سگهن. تقريب ۾ ايم پي اي ريحانه لغاري، ايم پي اي سيد شاهه حسين شاهه شيرازي، سنڌ سولر پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شفيق احمد چانڊيو، پ پ پ اڳواڻ ارباب وزير احمد ميمڻ، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، عبداللطيف ميمڻ، محمد يوسف جمالي، منظور پليجو، حاجي محسن سنڌي، وحيد پرهياڙ، دائود سومرو ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
سولر هوم سسٽم
0 تبصرے