English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نئون ديرو: مبينا پوليس مقابلو، 2واپارين جي قتل ۾ ملوث جوابدار مارجي ويو
34 views
|
24th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
نئون ديرو(رپورٽر) لاڙڪاڻو پوليس ڪنگا ٿاڻي جي حد ميرو خان روڊ تي ٿرڙي لاڙي ڀرسان گشت ڪندڙ پوليس سان ڏوهارين جو مبينا مقابلو، ڏوهارين ۽ پوليس هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ امداد عرف امدو لغاري طور ٿي وئي. مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري ڪراچي، لاڙڪاڻو سميت مختلف شهرن ۾ ٿيندڙ ڏوهي وارڌاتن ملوث هو. مارجي ويل ڏوهاري جو تعلق جلباڻي ۽ لغاري گينگ سان هو. مارجي ويل ڏوهاري نئون ديرو ۾ قتل ڪيل واپاري سنتوش جي قتل سميت لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيل هندو واپاري سنجي ڪمار ۽ هندو واپاري رونق کي زخمي ڪرڻ وارن ڏوهاري وارڌاتن جو ماسٽر مائينڊ هو. مارجي ويل ڏوهاري جا وائيس ميسج پڻ هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. مارجي ويل ڏوهاري ڪوريئر سرورس لاڙڪاڻي واري وارڌات سميت ڪيترن ئي ٻين ڏوهن ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪندو هو. لاڙڪاڻي شهر اندر ٻن ورهين ۾ ٿيندڙ رقم ڦر ڪرڻ وارن ڏوهاري وارڌاتن ۾ ملوث هو. مارجي ويل ڏوهاري ڪيترو وقت اڳ سرجاني ٽائون ڪراچي مان ڪار ڦر ڪيل ڪار سميت ڏوڪري ٿاڻي جي پوليس سان مقابلي ۾ زخمي ۾ گرفتار ٿي جيل وڃي چڪو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نئون ديرو
مبينا پوليس
0 تبصرے