English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڻي زندگي، موت جو مسئلو آهي، لاهور ۾ سنڌين جو وڏو تعداد ڏسي، خوشي ٿي، شاگرد نئي سنڌ جا معمار آهن. اياز لطيف پليجو
290 views
|
18th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
لاهور: سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ لاهور پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه، برک دانشور اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. سگا لاهور جي صدر عبدالستار ميمڻ جي رهائشگاهه تي ٿيل تقريب ۾ لاهور ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سگا لاهور جي عبدالستار ميمڻ، نائب صدر ڊاڪٽر نُور محمد شجراه، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر رضوان ڀيو اياز لطيف پليجو جو شاندار استقبال ڪيو ئي کيس گلدستو پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته وفاقي حڪومت پاران رٿيل تڪراري ڪينال سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندا، اهڙي تباھ ڪُن رٿا کي ڪڏهن بہ تعمير ٿين نہ ڏينداسين. هن چيوته پاڻي زندگي، موت جو مسئلو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُرڇ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن. هن چيو تہ ڪئنالن جي مسئلي تي هن وقت سنڌ ۾ ايم آر ڊي کان بہ وڏي تحريڪ هلي رهي آهي، جيسيتائين تڪراري رٿا رد نٿي ڪئي وڃي تحريڪ جاري رهندي. ملڪ ۾ موجود آبي وسيلن ئي صوبن وِچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جا انگ اکر پيش ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، ٻيو تہ ٺهيو، 1991 جي پاڻي ٺاھ ، جنهن تي سڀ صوبا متفق هئا، اُن ٺاھ مطابق ورهاست لاءِ بہ پاڻي موجود ئي ناهي هن چيوته پنجاب هن وقت 30 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 42 سيڪڙو آهي. هن چيو ته هڪ صوبي کي برباد ڪري، ٻئي کي سرسبز ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ لاهور جي دور دوران اياز لطيف پليجو سان لاهور جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن بہ ملاقاتون ڪيون. شاگردن کي مخاطب ٿيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه چيو ته لاهور ۾ سنڌين جو ايڏو وڏو تعداد ڏسي نهايت خوشي ٿي. هن چيو ته هي شاگرد نئين سنڌ جا معمار آهن، هن شاگردن جي ڀرپور همت افزائي ڪئي کين تاڪيد ڪيو تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ڌرتي ئي ديس واسين جي ترقي، خوشحالي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
جو مسئلو آهي، لاهور ۾ سنڌين جو وڏو تعداد ڏسي،
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن
سگا
0 تبصرے