English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پاڻي زندگي، موت جو مسئلو آهي، لاهور ۾ سنڌين جو وڏو تعداد ڏسي، خوشي ٿي، شاگرد نئي سنڌ جا معمار آهن. اياز لطيف پليجو
54 views
|
18th Mar 2025
•
سنڌي خبرون
لاهور: سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن شاخ لاهور پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه، برک دانشور اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. سگا لاهور جي صدر عبدالستار ميمڻ جي رهائشگاهه تي ٿيل تقريب ۾ لاهور ۾ رهندڙ سنڌين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سگا لاهور جي عبدالستار ميمڻ، نائب صدر ڊاڪٽر نُور محمد شجراه، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر رضوان ڀيو اياز لطيف پليجو جو شاندار استقبال ڪيو ئي کيس گلدستو پڻ پيش ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته وفاقي حڪومت پاران رٿيل تڪراري ڪينال سنڌ کي بنجر بڻائي ڇڏيندا، اهڙي تباھ ڪُن رٿا کي ڪڏهن بہ تعمير ٿين نہ ڏينداسين. هن چيوته پاڻي زندگي، موت جو مسئلو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُرڇ ۾ احتجاج ٿي رهيا آهن. هن چيو تہ ڪئنالن جي مسئلي تي هن وقت سنڌ ۾ ايم آر ڊي کان بہ وڏي تحريڪ هلي رهي آهي، جيسيتائين تڪراري رٿا رد نٿي ڪئي وڃي تحريڪ جاري رهندي. ملڪ ۾ موجود آبي وسيلن ئي صوبن وِچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ جا انگ اکر پيش ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، ٻيو تہ ٺهيو، 1991 جي پاڻي ٺاھ ، جنهن تي سڀ صوبا متفق هئا، اُن ٺاھ مطابق ورهاست لاءِ بہ پاڻي موجود ئي ناهي هن چيوته پنجاب هن وقت 30 سيڪڙو کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ 42 سيڪڙو آهي. هن چيو ته هڪ صوبي کي برباد ڪري، ٻئي کي سرسبز ڪٿان جي دانشمندي آهي؟ لاهور جي دور دوران اياز لطيف پليجو سان لاهور جي مختلف يونيورسٽين جي شاگردن بہ ملاقاتون ڪيون. شاگردن کي مخاطب ٿيندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراه چيو ته لاهور ۾ سنڌين جو ايڏو وڏو تعداد ڏسي نهايت خوشي ٿي. هن چيو ته هي شاگرد نئين سنڌ جا معمار آهن، هن شاگردن جي ڀرپور همت افزائي ڪئي کين تاڪيد ڪيو تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ڌرتي ئي ديس واسين جي ترقي، خوشحالي لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
15th Dec 2025
•
دنیا
سڈنی حملہ: کسی بڑے انتہا پسند گروہ کے ملوث ہونے کے شواہد نہیں، آسٹریلوی وزیرِ اعظم
15th Dec 2025
•
تازہ ترین
وزارت کو جوتے کی نوک پر رکھتا ہوں، کراچی چلے گا تو پاکستان چلے گا: مصطفیٰ کمال
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور: پي ايس 9 تي ضمني چونڊ ۾ پ پ اميدوار آغا شهباز دراني ڪامياب قرار
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو پوليس جو جوا جي اڏي تي ڇاپو، 4 جواباز گرفتار
15th Dec 2025
•
پاکستان
واٹس ایپ ہیکنگ سے بچاؤ کے طریقے: این سی سی آئی اے نے عوام کے لیے رہنمائی جاری کر دی
15th Dec 2025
•
دنیا
مراکش میں طوفانی بارش اور سیلاب، مختلف حادثات میں 37 افراد جان سے گئے
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
جو مسئلو آهي، لاهور ۾ سنڌين جو وڏو تعداد ڏسي،
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن
سگا
0 تبصرے