English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
همايون شريف ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف قومي عوامي تحريڪ پاران شٽربند هڙتال ۽ احتجاجي ريلي
views
|
10th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي ھمايو شريف ۾ سنڌو درياء تي ڌاڙي، 6 تڪراري ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ ھمايو شريف جي احتجاجي ريلي يو بي ايل بينڪ کان ٿيندي پريس ڪلب ھمايو شريف تائين پيادل مارچ ڪيو ويو تڪراري ڪئنالن خلاف مظاھرين آڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندا ھٿن ۾ پلي ڪارڊ، پارٽي جا جھنڊا ۽ بينر کڻي شھر جو گشت ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، ايڊووڪيٽ ظفر علي چنه ، امداد سومرو ۽ سيد عنايت شاھ ٻيا ڪري رھيا ھئا.احتجاجي مارچ ۾ جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ قومي محاذ، شھري اتحاد سميت مختلف مڪتب فڪر سان سلھاڙيل ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،احتجاجي مارچ کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ظفر علي چنه، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، سيد عنايت شاھ ۽ امداد سومرو چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري مافيا سنڌ ۾ پنهنجي بادشاھت قائم ڪيو ويٺي آھي. سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ اسان جي 60 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڀڙڀانگ ٿي ويندي. سنڌو درياھ تي حملي خلاف سنڌ جو عوام ڪڏهن بہ خاموش نہ ويھندو. سنڌو درياھ کي بچائڻ لاءِ سنڌي ماڻهو مزاحمت ڪندا سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿي چڪا آھن. سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي رستن تي آھن. جيڪو فصل ٿئي ٿو ان جا اگھ ڪيرايا وڃن ٿا. سنڌ جا ماڻھو درياھ بچائڻ لاءِ اياز لطيف پليجي جو ساٿ ڏين.اڳواڻن وڌيڪ ڳالھيندي چئو ته سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي جا ملڪ لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان ڪري سنڌ خلاف سازشون ۽ سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪيا وڃن، سنڌو درياءَ مان ڪئنال نڪتا تہ سنڌ بنجر ٿيڻ سان گڏ ڏڪار جو شڪار ٿي ويندي. جر مڪمل زھريلو ٿي ويندو. پنجاب جي 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آباد زمينن کي ڀڙڀانگ نه ڪيو وڃي. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ڊيلٽا پاڻي کوٽ سبب مري رھيا آھن.سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ھيٺ ھلي وئي آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو بدحالي جو شڪار آھن.وفاقي حڪومت 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نہ لٿو تہ پوءِ سنڌ جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيندو، سنڌ ۾ آئي ايم ايف جي چوڻ تي زراعت ۽ مال تي ٽيڪس لڳائڻ کي رد ڪريون ٿا. سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آھي. اڳواڻن وڌيڪ ڳالھيندي چيو ته سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. 6 ڪئنال ايٽم بم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھن. ھي 7 ڪروڙ سنڌين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي. پيپلز پارٽي جا حڪمران ڪرپشن ۽ ٻين غير قانوني ڪمن ۾ ملوث ھجڻ ڪري ھر سنڌ دشمن منصوبو جوڙڻ لاءِ تيار ۽ حصيدار آھن. آصف علي زرداري 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني. مراد علي شاھ ۽ ٻيا وزير سنڌ جي عوام کي دوکو ڏئي ڪوڙي مخالفت ڪري رھيا آھن. زاھد ڀنڀرو چيو تہ 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بيابان بنجي ويندي. ماڻھن جي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. سکر کان ھيٺ درياھ ۾ واري اڏامندي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن خاطر درياھ لاءِ جدوجھد ۾ شامل ٿين.ريلي کي ، عبدالصمند چانڊيو، محمد اسلم مارفاڻي، آفتاب شاھ، معشوق ٻرڙو، محمد پنھل چنو، شھزادو خان کھارو، سيد مختيار علي شاھ، عامر بابلاڻي، رياض منگي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ويو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
همايون شريف
شڪارپور
سنڌو درياء
0 تبصرے