English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪئنالن خلاف احتجاج
views
|
22nd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ٽي تلوار چوڪ تي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪندي ڌرڻو هنيو ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سنڌو درياءۡ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، ايس ٽي پي طرفان سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي نعري بازي ڪندي ٽي تلوار چوڪ تي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪندي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ عمرڪوٽ پاران سنڌو درياءۡ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ايڊوڪيٽ گل منير ولهاري، سهيل ڪنڀر، رسول بخش رحيمداڻي، هرچند ساگر، ميوارام نجار، رحيم مهر، اسلم مهر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ويئي جڏھن ته ايس ٽي پي طرفان ٽي تلوار چوڪ تي بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن ۾ مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، ميهار بنگلاڻي، ڪامريڊ پمون مينگھواڙ، ڪريم منگريو، باغي شاھد ساند سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي احتجاجي مظاھري ۽ بک ھڙتال ڪئمپ دوران اڳواڻن طرفان سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي نعرا ھنيا ويا اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ لاءۡ سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪو سازشون ناڪام بڻائينداسين سنڌ درياءۡ اسانجو جياپو آهي ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪري اهو غيرقانوني منصوبو رد ڪرايو ويندو اڳواڻن چيو ته سنڌو درياه تي ٺھندڙ ڪوبه ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌو درياء بچايو تحريڪ ڀرپور نموني سان تحريڪ هلائي هر حال به سنڌو درياءۡ بچايو ويندو لڳل ڪئمپ ۽ ڌرڻي سبب ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا ھنيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سندھ
غزہ پر اسرائیلی جارحیت کے 2 سال مکمل ہونے پر جماعت اسلامی کے سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
07th Oct 2025
•
سندھ
کسی بھی قوم کی ترقی کا انحصار تعلیم پر ہوتا ہے ، چيئرمین کورنگی ٹاون محمد نعیم شیخ
07th Oct 2025
•
سندھ
ذہنی صحت ایک بنیادی انسانی ضرورت ہے جسے نظر انداز کرنا معاشرتی اور انفرادی سطح پر سنگین نتائج پیدا کر سکتا ہے ڈاکٹر سید عبد الرحمان
07th Oct 2025
•
سندھ
انوش احمد نے کراچی میں اپنے والد مرحوم ندیم محمد احمد کے ایصالِ ثواب کے لیے دو سبمرسیبل واٹر پمپ نصب کروائے
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي جي سڏ تي اسرائيلي جارحيت خلاف ۽ فلسطينين جي حمايت ۾ ريليون
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ پورهيت جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو، زمين تي قبضي ۽ وڪڻڻ جو الزام
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: ڪمالديرو ۾ جمعيت علماء اسلام پاران سالياني سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس منعقد
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے