English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڪئنالن خلاف احتجاج
115 views
|
22nd Apr 2025
•
سنڌي خبرون
ٽي تلوار چوڪ تي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪندي ڌرڻو هنيو ويو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران سنڌو درياءۡ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو، ايس ٽي پي طرفان سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي نعري بازي ڪندي ٽي تلوار چوڪ تي بک ھڙتالي ڪئمپ قائم ڪندي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل. خبر موجب عمرڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ عمرڪوٽ پاران سنڌو درياءۡ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب آڏو ايڊوڪيٽ گل منير ولهاري، سهيل ڪنڀر، رسول بخش رحيمداڻي، هرچند ساگر، ميوارام نجار، رحيم مهر، اسلم مهر سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪئي ويئي جڏھن ته ايس ٽي پي طرفان ٽي تلوار چوڪ تي بک ھڙتال ڪئمپ قائم ڪندي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن ۾ مرڪزي اڳواڻ نثار ڪيريو، ميهار بنگلاڻي، ڪامريڊ پمون مينگھواڙ، ڪريم منگريو، باغي شاھد ساند سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي احتجاجي مظاھري ۽ بک ھڙتال ڪئمپ دوران اڳواڻن طرفان سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جي نعرا ھنيا ويا اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ گهڻي وقت کان برقرار آهي مٿان وري ارسا ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميمون ڪري سنڌو درياءۡ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سُڪائڻ لاءۡ سازشون ڪيون پيون وڃن جيڪو سازشون ناڪام بڻائينداسين سنڌ درياءۡ اسانجو جياپو آهي ان مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف مزاحمت تيز ڪري اهو غيرقانوني منصوبو رد ڪرايو ويندو اڳواڻن چيو ته سنڌو درياه تي ٺھندڙ ڪوبه ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي سنڌو درياء بچايو تحريڪ ڀرپور نموني سان تحريڪ هلائي هر حال به سنڌو درياءۡ بچايو ويندو لڳل ڪئمپ ۽ ڌرڻي سبب ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ بلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي ويئي ۽ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا ھنيا ويا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Mar 2026
•
سندھ
گورنر سندھ سے سینیئر سیاستدان سید نفیس حیدر کی ملاقات،باہمی دلچسپی امور پر تبادلہ خیال
26th Mar 2026
•
پاکستان
الیکشن کمیشن نے سینیٹر مراد سعید کو نااہل قرار دے دیا
26th Mar 2026
•
دنیا
ایران کو جنگ کے دوران ڈرون اور خفیہ معلومات فراہم کرنے کی خبریں، روس کا ردعمل
26th Mar 2026
•
دنیا
پاسدارانِ انقلاب نے ایف 18 سمیت دو امریکی جنگی جہاز گرانے کا دعویٰ کیا
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير:آچار جوکيو ڳوٺ ڀرسان پاڻي جي لائين ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش هٿ
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ٽائون ڪميٽي جي امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ بابت گڏجاڻي
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو سرمد علي ڀاڳت پاران تعلقي گهوڙاٻاري جو تفصيلي دورو
26th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت تعليم صحت سميت ٻين بنيادي سھولتن جي فراھمي لاء ڪوشان آھي: پيرسيد ڪاظم علي شاھ لڪياري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے