ڏوڪري(رپورٽر) (جاڳ پوليس جاڳ) ڏوڪري ۾ بدامني رڪجي نه ٿي سگهي، پوليس آرام جي ننڊ ستل، شهر ڏوهارين جو راڄ، چوريون روز جو معمول بڻيل، امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ سبب شهري جاڳي راتيون گذارڻ تي مجبور، ڏوڪري ۾ چورين ڦڙين جي وارداتن رڪجي ناهين سگهيون، پوليس آرام جي ننڊ ستل آهي، پويس شهر ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، چوريون ڦريون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ سبب شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي ان ڏس ۾ گذريل رات نامعلوم چور قاضي پاڙي جي رهواسي قاضي امجد علي عرف بيبن قاضي جي مانڊي مان 15 هزارن جي لاڳت جو پيل سامان چوري ڪري ويا، جڏهن ته ساڳي ڏينهن پيسي ڪولا ايجنسي جي مالڪ راشد قائمخابي کي هٿياربندن يرغمال بڻائي ٽي لک روپيا روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. هوڏانهن شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻ قاضي زيب حسين جي گهر مان لکين روپين جي ماليت جو سون چوري ڪري ويا هئا. جڏهن ته رٽائرڊ پوليس اهلڪار ابرار ڪولاچي جي گهر مان نامعلوم چور هزارين روپين جو سامان چوري ڪري ويا. رٽائرڊ پوليس آفيسر قاضي حاڪم علي جوڻيجو جي گهر مان نامعلوم چور سونا زيور، پنج لک روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا. ڏوڪري شهر مان 15 کان وڌيڪ ٿيل ڏوھ واپس نه ٿيڻ ۽ شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر نه هجڻ سبب شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇائنجي وئي ان موقعي تي هتان جي سياسي سماجي، مذهبي ۽ واپارين قاضي زيب حسين، محمد بخش ميمڻ، راشد قائمخاني، قاضي امجد علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڏوڪري پوليس ڏوهارين سان ٻٽ بڻيل آهي شهر ۾ ٿيل ڏوھ واپس ناهي ڪرائي رهي. هنن چيو ته ايس ايڇ او ڏوڪري ٿاڻي تي ويهڻ بدران پنهنجي خانگي گهر کي اوطاق بڻائي ٿاڻي جو ڪاروهنوار هلائي رهيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير شهر مان ٿيل ڏوھ واپس ڪرائي ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
0 تبصرے