English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي، عورت سميت 4 ڄڻا اجل جو شڪار، 14 زخمي
216 views
|
02nd May 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد لڳ لنڪ روڊ وٽ المناڪ حادثو، سکر کان ڪراچي ايندر تيز رفتار مسافر بس بي قابو ٿي ڪلٽي، ھڪ عورت سميت 4 ڄڻا فوت, ٻن ٻارڙن سميت 14 مسافر زخمي، ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهات پئجي ويا، پر پاسي جي ڳوٺاڻن ۽ ريسڪيو رضاڪارن ڪرين ذريعي بس مان ماڻهن کي ڪڍي فوتي ۽ زخمين کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو تفصيل موجب گلشن حديد لنڪ روڊ سمندري بابا مزار ويجهو صبح ڌاري سکر کان ڪراچي ايندڙ تيز رفتار مسافر بلوچ ڪوچ بي قابو ٿي ڪلٽي ٿي اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ بس ۾ سوار ھڪ عورت سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا فوتين ۾ 35 وررهين جي ڪوثر زال سعيد، 25 ورهين جو غلام فريد پٽ ياسين ، 59 وررهين جو عبدالغفور پٽ محمد اسماعيل ۽ 30 ورهين جو غلام سرور پٽ محمد علي فوت ٿي ويا جڏھن ته 14 ورهين جي معصوم ٻارڙي مصباح ڌيء وحيد علي 5 وري هڻي جو اويس پٽ وحيد علي 28 ورهين جو عبدالغني 37 وررهين جو محمد افضل پٽ محمد اشرف 45 ورهين ضمير حسين پٽ رزاق ملاح 32 ورهين جو سنگھار علي 28 وررهين جو ڪاشف خان پٽ ناصر خان 19 ورهين جو ڪاشف 30 وررهين جو غلام سرور 25 وررهين جو نواز علي پٽ محمد علي 20 ورهين جو بس ڪنڊيڪٽر سجاد پٽ محمد طارق زخمي ٿي پيا ان دوران ٻارڙن ۽ عورتن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا رڙين تي پر پاسي جي ڳوٺاڻن پهچي مسافرن کي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر بس اونڌي ٿيڻ سبب ڏکيايون پيش آيون ان دوران ريسڪيو رضاڪار پهچي ويا جن زخمين ۽ فوتين کي ڪرين زريعي بس کان ٻاهر ڪڍي جناح اسپتال منقل ڪيو ان کان اڳ ريسڪيو ڪاروائي دوران زخمي روڊ تي تڙپندا رهيا ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته بس اونڌي ٿيڻ سبب ڪرين جي اچڻ جو انتظار ڪرڻو پيو ۽ پرپاسي جو ڳوٺن ۾ ڪا سرڪاري اسپتال هجي ها ته وڌيڪ جاني نقصان نه ٿئي ها
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد
0 تبصرے